تُمندار: تُمن اصل ترڪي ٻولي جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ ’ڏھہ هزار‘ آهي. تُمندار مان مراد، اهڙو ماڻهو جنهن وٽ ڏھہ هزار هٿيار بند ماڻهو هجن. انگريزن پنھنجي قبضي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ تُمنداري نظام جو بنياد وڌو. تُمندار کي انگريز سرڪار طرفان وفاداريءَ جي بدلي ۾ مراعتن سان گڏ مئجسٽريٽي اختيار پڻ ڏنل هئا. انگريز سرڪار پنجاب ۾ ضلعي راجن پور ۽ ديري غازي خان جي علائقن کي ننڍن حصن ۾ تقسيم ڪري تُمندار مقرر ڪيا. تُمندار معزز ماڻهن کي پڻ چيو وڃي ٿو ۽ انهن کي عوام ۾ ڪافي اثر و رسوخ حاصل هوندو آهي. ضلعي ديري غازي خان جي وڏن وڏن جاگيردارن کي پڻ تُمندار چيو وڃي ٿو.