تميم بن العتبي: بنو اميه جي دور ۾جنيد بن عبدالرحمان جڏهن 111ھہ/729ع ڌاري سنڌ ڇڏي خراسان ويو تہ تميم بن زيد العتبي سنڌ جو گورنر مقرر ٿيو. هو سياسي معاملا ۽ ملڪي ڪاروهنوار هلائڻ ۾ سست هو، ان ڪري سندس دور ۾ عرب قبيلن ۾ فساد ٿيو ۽ تميم هڪ ڪمزور ڌر جي طرفداري ڪئي. نتيجي ۾ اڪثر عرب سندس مخالف ٿي پيا. هن ٻنهي ڌرين ۾ صلح جي گهڻي ڪوشش ڪئي، پر عربن سندن ڳالھہ مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. عرب قبيلن جي انهيءَ ويڙھہ جڏهن سنڌ ۾ گهرو ويڙھہ جي صورت اختيار ڪئي، تڏهن هن پنھنجي جان بچائڻ لاءِ عراق ڀڄي وڃڻ جو فيصلو ڪيو، پر ديبل بندر وٽ بيماريءَ سبب وفات ڪيائين.