تَناسُخ: مرڻ بعد روح جو ٻئي قالب ۾ اچڻ، (ڪن آڳاٽن مذهبن جي عقيدي موجب) روح جي ڪن عملن مطابق مرڻ کانپوءِ ٻئي جسم ۾ اچڻ جي حالت. هندي ٻوليءَ ۽ هندو ڌرم روح جي انهيءَ عمل کي ”آواگون“ چوندا آهن. هن اصطلاح کي سنڌيءَ ۾ ”جُوڻ مٽائڻ“، يا ”قالب بدلائڻ“ چئي سگهجي ٿو؛ يعني روح هڪڙي جسم کي ڇڏي، ٻئي جسم ۾ داخل ٿئي. هند-سنڌ ۾ هندو مذهب وارا انهيءَ عقيدي ۾ يقين رکن ٿا، جنهن موجب انسان ست جنم وٺي ٿو ۽ نيڪ انسان کي ٻيو روپ به سٺو ملي ٿو ۽ خراب کي روپ به خراب ملندو آهي. اسلامي دنيا ۾ صرف ڪي فرقا انهيءَ اعتقاد جا حامي آهن. البيروني، تناسخ تي هڪڙي باب ۾ لکيو آهي ته، جيئن علمي اخلاص سان شهادت مسلمانن جو ايمان آهي، تثليث، نصرانيت جي علامت آهي ۽ ’سنبت‘ ملهائڻ يهوديت جي نشاني آهي، تيئن تناسخ هندو مذهب جي علامت آهي. علامه شهرستانيءَ جي خيال ۾ تناسخ مان مراد اهو عقيدو آهي، جنهن مطابق دنيا ۾ ’حيات‘ جو سلسلو هر دور ۾ نئون وجود اختيار ڪري ٿو. چنڊ تارا ۽ سج وغيره هڪڙو دور پورو ڪري، ٻئي دور جو آغاز ڪن ٿا، ۽ وري ساڳئي نقطي تي اچن ٿا، جتان شروع ٿيا هئا. ائين ئي ڪائنات جي زندگيءَ جو نئون دور ٻيو ڀيرو شروع ٿي وڃي ٿو. هند جا گهڻا ماڻهو انهيءَ ”دور ڪُبريٰ“ جو مدو 000، 30 (ٽيهه هزار سال) ليکين ٿا، ڪي ٽي لک سال شمار ڪن ٿا. مسعوديءَ به انهيءَ دور جو ذڪر ڪري ٿو ۽ ان جو مدو 70 هزار سال ڄاڻائي ٿو. مسلم فلسفي موجب، الاهي روح جي دنيا جي مخلوق ۾ حلول ڪرڻ (واسو ڪرڻ) يا ورهائجي وڃڻ کي ”تناسخ“ چيو ويو آهي. شهرستانيءَ جي چوڻ موجب ’غُلاة‘، جيڪو هڪ انتها پسند مذهبي ماڻهو هو، سو ”تناسخ“ جو قائل هو، ۽ ڪن ماڻهن ۾ ”الاهي وجود“ جي جُزوي يا ڪُلي حلول کي مڃيندو هو. انهيءَ قسم جي تناسخ کي مڃڻ وارا جدا جدا قومن ۾ به هئا، جن اهو خيال مزدڪ، مجوس ۽ هند جي برهمڻن کان ورتو هو. ”هُجويري“، صوفين جي هڪڙي گروه جو ذڪر ڪندي کين ’حُلولي‘ چوي ٿو. وڌيڪ چوي ٿو ته سمورا اهل هند، ٿٻيٽي (تبتي) ۽ چيني وغيره انهيءَ عقيدي جا آهن.
تناسخ جي فلسفي بابت ڪجهه سائنسدانن جن ۾: مئنڊل ۽ پروفيسر ٽي. ايڇ مورگن شامل آهن جينس (Genes) ۽ ڪروموسومس وسيلي منتقليءَ واري قدرتي عمل تي تجربا ڪري. اهو ثابت ڪيو ته ”اڄ کان هزارين سال اڳ گوتم ٻڌ جي تناسخ اجسام (ميٽم سائڪوسس) وارو عقيدو صحيح آهي. اهڙو عمل قدرت جي قانون هيٺ سڄي ڪائنات ۾ بنا ڪنهن رنڊ روڪ جي جاري آهي. “