
ڪدو
تُنبو: هڪ قسم جو ڪدو جنهن جي کل سخت ۽ ٿلهي ٿئي. ان کي اندران پورو ڪري ان مان ڪيترائي ڪم ورتا وڃن ٿا. تنبڙيا هن خالي کوکي جي مٿان پيٽ رکي درياھہ پار ڪندا آهن. فقير هن جو ڳر الڳ ڪري سڪائي ان جو ڪشتو ۽ يڪتاري جوتنبو ٺاهيندا آهن. اڪثر ويڻائن ۾ بہ اهو لڳايو ويندو هو جنهنڪري يڪتاري توڙي ويڻائن ۾ تارن جي جهنڪار سٺي ٿئي .