تنبيھہ الجاهلين

تنبيھہ الجاهلين: هيءُ ڪتاب پهريون دفعو 1290ھہ/ 1873ع ۾ بمبئيءَ مان ڇپيو، جيڪو قاضي محمد ابراهيم، هريبيه لنگوس پريس مان ڇپايو. ٻيو ڇاپو بمبئيءَ جي ناشر قاضي نورمحمد ابن عبدالڪريم مطبع ڪريميءَ مان سال 1336ھہ/ 1917ع ۾ شايع ڪرايو هو. هن ڪتاب جو ٽيون ڇاپو مسٽر شولداس ٿانورداس تاجر ڪتب شڪارپور سنڌ، مفيد عام پريس، لاهور، مان ڇپائي پڌرو ڪيو. مذڪوره ٻنهي نسخن ۾ ڪٿي بہ ان جي مؤلف جو نالو ڄاڻايل نہ آهي. سر رچرڊ برٽن پنھنجي ڪتاب ’سنڌ ۽ سنڌوماٿريءَ جون وسندڙ قومون‘ ۾ مخدوم عبدالله نليوي رحه (نريي وارو) کي هن ڪتاب جو لکندڙ ڄاڻايو آهي. ڪتاب ”تنبيھہ الجاهلين“ جا ڪل چار باب آهن: پهريون باب نماز پڙهڻ جي تاڪيد ۾ آهي. ٻيو باب نماز ۾ سستيءَ ۽ غفلت ڪرڻ بابت آهي. ٽئين باب ۾ رمضان شريف جي روزن جي برڪتن جو بيان آهي ۽ روزن جي تارڪ تي سخت ملامت ڪئي وئي آهي ۽ چوٿين بابت ۾ بدعتن جي برائي نروار ڪئي وئي آهي. خصوصاً محرم جي پهرئين ڏهي جي رسمن بابت پڻ احڪام جمع ٿيل آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو