تنبيھہ الغافلين (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب 19 صدي عيسويءَ جي آخر ۾ بمبئيءَ جي علوي پريس مان ڇپيو. ڪتاب جو مؤلف محمد اسماعيل آهي. تبيھہ الغافلين، معاشرتي ۽ شخصي خرابين بابت لکيل نصيحتن جو هڪڙو ننڍڙو رسالو آهي. هن رسالي جي ابتدا ﷲ جل شان جي تعريف سان ڪئي وئي آهي. ان کان پوءِ نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جي فرمان ۽ فرمودي جي پابنديءَ جي اهميت سمجهائي وئي آهي. هن ۾ پڙهندڙن کي ذهن نشين ڪرايو ويو آهي تہ نبي سڳورن کان پوءِ نصيحت ڪرڻ ۽ نيڪيءَ ڏانهن سڏڻ جو فريض عالمن تي آهي، ڇاڪاڻ تہ حديث شريف موجب عالم نبين جا وارث آهن. عام مسلمانن تي فرض آهي تہ عالمن جي ڪيل نصيحتن ۽ هدايتن تي عمل ڪن. تمهيد کان پوءِ ”تنبيه الغافلين“ کي ٻن بابن ۾ ورهايو ويو آهي. پهريون باب معاشرتي خرابين ۽ ٻيو شخصي يا ذاتي ڪوتاهين بابت آهي. هن ڪتاب جو ڇاپو ٻيو، مطبع حيدريءَ بمبئيءَ، مان سال 1291ھہ/ 1874ع ۾ ڇپيو .