
تنجور ۾ شِوِ جا مندر
تنجور ۾ شِوِ جا مندر: ڏکڻ ڀارت جي شھر تنجور ۾ راجا راج پهرئين پاران شوِ جي نالي تي اڏيل مندر کي ايشيا ۾ سڀني هندو يادگارن م عظيم ترين ليکيو وڃي ٿو. جنهن جي اڏاوت 995ع کان 1010ع عيسويءَ دوران ٿي. هي مندر هڪ وڏي ايراضيءَ تي پکڙيل ۽ وڏي هئڻ ڪري ئي عظيم نٿو ليکيو وڃي، پر پنھنجي اڏاوتي ڏانوَ ۾ مڪملتا ۽ اڏاوتي تصور ۾ چٽائيءَ ۽ پڌرائيءَ جي ڪري عظيم ليکيو وڃي ٿو. هن مندر کي ٺهرائيندڙ بادشاھہ ۽ سندس اڏاوت بابت معلومات عمارت جي پيڙھہ جي وڏي پيماني تي کوٽائي ڪرڻ سان ملي هئي. هن مندر کي وڏي عرصي کان نظر انداز ڪيو ويو هو، پر هاڻي اهو عبادت جي ماڳ طور کلي ويو آهي ۽ سڄي ڀارت جا هندو ۽ ساري دنيا جا ماڻهو هن مندر جي بھترين اڏاوت کي ڏسڻ لاءِ ڪھي ايندا آهن. هن مندر جي مينار جي خصوصيت اها آهي تہ هو اُڀڪري اهرامن وانگر ٺاهيو ويو آهي.
مندر ۾ اُڪريل لکت موجب هن يادگار کي اڏڻ لاءِ راجا راج ذاتي دلچسپي ڏيکاري ۽ هن مينار اڏائي مندر کي مڪمل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. راجا راج پنھنجي راڻيءَ سان گڏ اڪيچار سون ۽ چانديءَ جون شڪليون پوڄا لاءِ امداد طور ڏنيون هيون. اڪريل لکتن ۾ اهو بہ ڄاڻايل آهي تہ هن مندر جي اڏاوت ۾ 600 کان وڌيڪ ماڻهن ڪم ڪيو، جن کي باقاعدي پگهار ملندي هئي. انهن ڪم ڪندڙن ماڻهن جي لسٽ ۾ ناچ سيکاريندڙ ناچو، ناچ ڪندڙ ڇوڪرين، راڳين ۽ موسيقارن، سنک وڄائيندڙن، ڇٽي سنڀاليندڙن، ڏيئا کڻندڙن، ڪاشيگرن، ڌوٻين، نجومين، درزين، واڍن ۽ گل پوکيندڙ مالهين جا نالا شامل آهن.
هي مندر بذات خود چوڪنڊن مينارن تي ٻڌل آهي، جن جي وچ ۾ لُنگ رکيل آهي. هن جي ٻن پاسن کان گذر جو هنڌ آهي. اندر هڪڙو سوڙهو ۽ هڪ ننڍو دروازو آهي، جيڪو اتر ۽ ڏکڻ ڏانهن وڃي ٿو. ٿنڀن وارا ٻہ هال اوڀر تائين پکڙيل آهن. ٻاهريون ڀتيون ٻٽن پيڙھہ وارن وروڪڙن سان ٽيڪيل آهن. انهن ڀٽين ۾ هندو مذهب جي ديوتائن ۽ ديوين جا نقش چٽيل آهن.