تندسر جو پيٽ
تندسر جو پيٽ: هيءُ درياھہ جو پراڻو پيٽ آهي، جيڪو ٺٽي جي اولھہ- ڏکڻ ۾ وهندو هو. هن وقت خشڪ آهي. درويش سيد ابراهيم شاھہ، انهيءَ جي ڪناري تي مدفون آهي. هن کي ٺٽي وارا ”ٽنڊسر“ چون ٿا. اصل ۾ تندسر يعني ”تِلو واهڙ“ آهي، جنهن جي ”تند“ کي ’ٽنڊ‘ ڪيو ويو آهي .