تندو
تندو: اهو رسو، جنهن ۾ گهڻا ٻاڪرا ڦرڙا ٻڌجن، هن رسي ۾ هر ٻن فوٽن تي هڪ ’ڳراهو‘ هوندو آهي، جيڪو ڦرڙي جي ڳچيءَ ۾ وجهي ڇڏبو آهي. اهڙيءَ طرح هڪ تندي جي ڊيگهہ ۾ ويھہ يا ٽيھہ ڦرڙا سلهاڙي سگهبا آهن. پلال جي ڦيڙهي کي ويڙهڻ خاطر بہ ’تندو‘ (رسو) ڪم آڻبو آهي .