
تنوير جوڻيجو
تنوير جوڻيجو: مشھور افسانہ نگار، محترمہ تنوير جوڻيجو ڌيءُ صدرالدين جوڻيجو 6 فيبروري 1954ع تي ضلعي ٿرپارڪر جي شھر مٺيءَ ۾ ڄائي. ايم. اي سوشيالاجيءَ ۾ ڪيائين. هن وقت سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سوشيالاجي شعبي ۾ پروفيسر جي عهدي تي فائز آهي. سندس ڪهاڻين جو ڪتاب ”امرت منجهہ ڪڙاڻ“ 1974ع ۾ ڇپيل آهي. سندس ڪهاڻين جو موضوع سنڌي عورت سان سماج ۾ ٿيندڙ ويساھہ گهاتيون آهي. ان کان سواءِ سماجيات تي مضمون ۽ ڪتاب لکيل اٿس. هن سماجيات (sociology) جي لغت پڻ ترتيب ڏني آهي، جيڪا سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران شايع ٿي چڪي آهي.2004ع ۾ سندس هڪ ڪتاب ’عورت، سماج ۽ ڏاڍ‘ جي عنوان سان ڇپيل آهي، هن ڪتاب ۾ سنڌيءَ ۾ لکيل عورتاڻي ادب جي تفصيلي ڇنڊڇاڻ ڪيل آهي .