تنوير شاھہ محمد زئي

تنوير شاھہ محمد زئي: پنجاب جي سرائيڪي ادب جي شاعر ۽ افسانا نگار جو اصل نالو محمد تنوير اختر (چسني خان) ولد محمد اختر خان آهي. هي 1 مارچ 1960ع تي ڳوٺ ليه تحصيل ڪوٽ ادو ۾ ڄائو. تعليم ميٽرڪ تائين اٿس. هي صحافت جي حوالي سان روزنامه پاڪستان جو نمائندو ۽ سانول سنگت پاڪستان جو چيف آرگنائيزر آهي. سندس ادبي سڃاڻپ افسانہ نگار ۽ انشائيه شاعري آهي.
هن کي پي. ٽي. وي پاڪستان تان (ملي گيت) تي خاص انعام 1991ع ۾ مليو آهي. سندس ڪتاب ۾ ”غم جانان“ ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ ”هڻ تہ سانول گهر دو ول آ“ (شاعري)، ”ساڊي عظمت دا ڪهوالا“ (ملي گيت) ۾ موجود آهن. هي هن وقت تحصيل ڪوٽ ادو ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.03.01  عيسوي

تنوير شاهه محمد زئي 1 مارچ 1960ع تي ڳوٺ ليه تحصيل ڪوٽ ادو ۾ ڄائو .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تاج ٽکڙائي
آنند پرڪاش مهاتما
سلطان علي شاھہ
منشي ٻالچند
اداسي جکراڻي
سرور نواز ٻگهيو
سليم جعفر
پلي شمس الدين
ڀوپالي محسن
داغ ٽکڙائي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون