تنيا پل (ابل واهه) خيرپور: هيءَ پل تنيا پل ۽ ڳاڙهي موري پل به سڏجي ٿي. تعلقي ڪنگري، ضلعي خيرپور ميرس ۾ ابل واهه تي قائم ۽ شاهه لڌاڻي ڳوٺ ويجهو آهي. پل رستي پريالوءِ ۽ ڀرپاسي وارا هنڌ ڳنڍجن ٿا. پل جي اهميت ان ڪري به آهي ته هيءَ رياست خيرپور جي ٽالپر حڪمرانن جي تعميراتي يادگار جي حيثيت رکي ٿي. پل ۾ ڳاڙهي رنگ جون سرون استعمال ڪيون ويون آهن. مجموعي طور پنج دروازا اٿس. پل جي دروازن جو نمونو سکر بئراج جي پل جي دروازن جهڙو آهي. ٻنهي پاسن کان ديوار اٿس ۽ مٿان روڊ گذري ٿو، جنهن تي عام ماڻهو توڙي گاڏيون وغيره واهه پار ڪن ٿيون. پل ۾ ڳارهين سرن جو ڏيک زيبائتو محسوس ٿئي ٿو. هن وقت پل جي حالت گهڻي قدر سٺي ڪانهي. پل جي ڀر ۾ واهه جي ڪنڌيءَ تي آبپاشي عملدارن جي عمارت آهي.