تنيا پل ابل واھہ

تنيا پل (ابل واھہ) خيرپور: هيءَ پل تنيا پل ۽ ڳاڙهي موري پل بہ سڏجي ٿي. تعلقي ڪنگري، ضلعي خيرپور ميرس ۾ ابل واھہ تي قائم ۽ شاھہ لڌاڻي ڳوٺ ويجهو آهي. پل رستي پريالوءِ ۽ ڀرپاسي وارا هنڌ ڳنڍجن ٿا. پل جي اهميت ان ڪري بہ آهي تہ هيءَ رياست خيرپور جي ٽالپر حڪمرانن جي تعميراتي يادگار جي حيثيت رکي ٿي. پل ۾ ڳاڙهي رنگ جون سرون استعمال ڪيون ويون آهن. مجموعي طور پنج دروازا اٿس. پل جي دروازن جو نمونو سکر بئراج جي پل جي دروازن جهڙو آهي. ٻنهي پاسن کان ديوار اٿس ۽ مٿان روڊ گذري ٿو، جنهن تي عام ماڻهو توڙي گاڏيون وغيرہ واھہ پار ڪن ٿيون. پل ۾ ڳارهين سرن جو ڏيک زيبائتو محسوس ٿئي ٿو. هن وقت پل جي حالت گهڻي قدر سٺي ڪانهي. پل جي ڀر ۾ واھہ جي ڪنڌيءَ تي آبپاشي عملدارن جي عمارت آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو