تنھا: ’تنھا ‘ جي عام معنيٰ ’اڪيلو / اڪيلي ‘ آهي . شاعريءَ جي حوالي ۾ ان جو مطلب آهي: ’هڪ خودمختيار معنيٰ دار سِٽ ‘ ، ان ڪري ’تنھا ‘ هڪ سٽ جو شعر يا هڪ سٽو شعر بہ آهي . وڏن نظمن ، مثنوين ، اٺ سٽن ( مثمن ) ، مسدسَ ( ڇھہ سٽن ) ، پنجڪڙن/ پنج سٽن ، رباعيءَ ، ٽه سٽي ، هائيڪو ۽ ڏيڍ سٽي وانگر ’تنھا ‘ ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ وارو پهريون شاعر هند جو سنڌي ’اندر ڀوڄواڻي ‘ هو . ان کان پوءِ هري دلگير ، نارائڻ شيام ، ستيش روهڙا ۽ ٻين شاعرن ان تي طبع آزمائي ڪئي آهي . هري دلگير لکيو آهي تہ: ” سِٽ هڪ هجي يا سِٽون گهڻيون هجن ، شعر اهو آهي ، جنهن ۾ شاعراڻو دم هجي . “ جيستائين شعر جي جذبي يا موضوع جو سوال آهي ، ڪو بہ خيال ، ڪا بہ سوچ ، ڪو بہ منظر يا واقعو ’تنھا ‘ ۾ اظهار پائي سگهي ٿو . ’تنھا ‘ هڪ جهٽڪي سان ورتل فوٽو گراف آهي . ’تنھا ‘ ڏسڻ ۾ اڌ دوهي ، اڌ سورٺي ڇنڊ يا ٻہ سٽي بيت جي اڌ جيترو يعني هڪ سٽو شعر آهي . دوهي يا سورٺيءَ جي هر سٽ 24 ماترائن تي مشتمل آهي . دوهي جي هر هڪ سٽ جي پهرئين پد ۾ 13 ماترائون هونديون آهن ۽ ٻئي پد ۾ 11 ماترائون ۽ هر پد جي وچ ۾ ’دم ‘ ( ، ) هوندو آهي ، جڏهن تہ سورٺيءَ جي هر سٽ جو پهريون پد 11 ماترائن جو ۽ ٻيو پد 13 ماترائن جو هوندو آهي . ’تنھا ‘ جيئن تہ دوهي ۽ سورٺي جي هڪ سٽ برابر هوندو آهي ، ان ڪري ان جو سٽاءُ دوهي جي هڪ سٽ وارو بہ ٿي سگهي ٿو ۽ سورٺي جي هڪ سٽ وارو بہ . سٽ جي پهرئين پد ۽ ٻئي پد جي وچ ۾ ’دم ‘ ٿئي ٿو ، جنهن سبب ’تنھا ‘ ۾ لئہ يا رواني پيدا ٿئي ٿي . هڪ سٽ جي محدود گهڙت سبب ’تنھا ‘ ۾ وستار يا تفصيل جي گنجائش نہ آهي . ’تنھا ‘ جي ڪاميابيءَ ۽ خوبصورتيءَ جو مدار ، ٻوليءَ جي ڳردار مرڪبي تخليق ۽ اثرائتن اهڃاڻن يا علامتن جي چونڊ تي آهي ، جنهن ۾ ڪو نڪتو ، ڪو خيال ، ڪو عڪس ، ڪنهن ڪيفيت يا حالت جو چڀندڙ روپ اظهار پائي سگهي ٿو . تنھا ۾ هڪ بہ اجائي لفظ جي استعمال جي گنجائش نہ ٿي رکي سگهجي . هند ۾ ’تنھا ‘ جا ڪجهہ مجموعا بہ ڇپيل آهن ، جن ۾ ستيش روهڙا جو ڪتاب ’تنھا ‘ اچي وڃي ٿو . سنڌ ۾ اهو تجربو نوجوان شاعر ستيه پال ڪيو هو ۽ اياز گل جي مجموعي ’دک جي نہ پڄاڻي آ ‘ ۾ شامل ڪجهہ ’سوايون ‘ بہ ’تنھا ‘ جي فارم ۾ آهن ، ان کانسواءِ تاج جويي بہ ڪجهہ تنھا لکيا آهن .