
تنها - ڪتاب
تنھا2 (ڪتاب ): هي هند جي نامياري ليکڪ، نقاد ۽ شاعر، ستيش روهڙا جو شعري مجموعو آهي، جنهن ۾ سندس 101 ’تنھا‘ شامل آهن. هر صفحي تي هڪ ’تنھا‘ ڪمل شاهاڻيءَ جي خوبصورت چتر (Sketch) سان سنڌي (عربي) ۽ ديوناگريءَ لپيءَ ۾ ڇپيل آهي. هيءُ ڪتاب ڪرائون سائيز ۾ پڪي جلد سان 120 صفحن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب کي ڀاشا پرڪاشن،آديپور (ڪڇ، ڀارت) پاران 2005ع ۾ شايع ڪيو ۽ ڪتاب جي قيمت 60 رپيا آهي. ”تنھا-بابت“ عنوان هيٺ، ستيش روهڙا، هن صنف جي وصف، ضرورت ۽ اهميت تي روشني وڌي آهي. ائين مهاڳ ۽ ’تنھا‘، سنڌيءَ جي ٻنهي لپين ۾ ڇپيل آهن. ستيش روهڙا جا ٻہ ’تنھا‘ نموني طور ڏجن ٿا: مانَ بنا محبت ائين، لوڻ بنا ڄڻ طعام سِڪ نہ توسان سانوري، پوءِ بہ تنھنجي سار