تنھنجون ڳالهيون سڄڻ (فلم): هيءَ فلم 1970ع ۾ رليز ٿي. سنڌي ٻوليءَ ۾ فلمايل هيءَ فلم پنھنجي وقت ۾ خاص مقبول ٿي. هن فلم جو هدايتڪار ۽ پروڊيوسر مولانا هپي ۽ مولانا محمد حسين ٽالپر هئا، جڏهن تہ موسيقي بلاول بيلجيم ترتيب ڏني. فلم ۾ منصور بلوچ، شمع، خورشيد، ڪنول، نذر، نجمه، شاهين اداڪاري ڪئي.