تنهنجي ڳليءَ جون ڳالهڙيون- ڪتاب

تنهنجي ڳليءَ جون ڳالهڙيون- ڪتاب

تنھنجي ڳليءَ جون ڳالهڙيون

تنھنجي ڳليءَ جون ڳالهڙيون (ڪتاب ):هي سنڌ ۽ هند جي نامياري شاعر موتي پرڪاش جي شعرن جو مجموعو آهي جنهن جو عنوان موتي پرڪاش، پنھنجي همعصر ۽ نامياري شاعر شيخ اياز جي هن نظم تان کنيو آهي: ” رابيل رت، مايا نگر/ تنهنجيءَ ڳلي جون ڳالهڙيون“ هن ڊيمي سائيز جي 120 صفحن تي مشتمل ڪتاب جي قيمت 100 روپيا آهي. 2006ع ۾ ڇپيل هي ڪتاب جيون ڪلا پرڪاشن، آڌيپور (ڪڇ) مان ڇپايو ويو آهي. هي ڪتاب سنڌي قوم ۽ ساهت پريمين کي ڊاڪٽر رام بخشاڻيءَ پاران سوکڙيءَ طور ڇپائي پيش ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب جو مختصر مهاڳ ”دل جي ڳالھہ“ عنوان سان خود موتي پرڪاش لکيو آهي. جنهن ۾ هو لکي ٿو تہ مون کي اهو مڃڻ ۾ عار نٿو ٿئي تہ مون ٿورو لکيو آهي. ٿورو لکيو اٿم ۽ اُهو سٺو لکيو اٿم، اها هام بہ ڪين هڻندم فن يا ڪلا آهي. عميق سمجهہ، جنهن جو پار بہ ڪونهي، انت بہ ڪونهي“. هن ڪتاب ۾ بہ موتي پرڪاش جا هائيڪو بيت وايون، غزل ۽ نظم شامل آهن.


لفظ تنھنجي ڳليءَ جون ڳالهڙيونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو