تن سپون سوجهي ڪڍيون- ڪتاب

تن سپون سوجهي ڪڍيون- ڪتاب

تن سپون سوجهي ڪڍيون

تن سپون سُوجهي ڪڍيون (ڪتاب ):پروفيسر سنتداس جهانگياڻيءَ جو هي ڪتاب، لطيفيات جي موضوع تي هڪ اهم ڪتاب آهي. ڪرائون سائيز جي 103 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 15 رپيا آهي. هي ڪتاب اندر ڪمار، 1985ع ۾، ڪوهنور پرنٽنگ پريس، ڊگل بازار اجمير، مان ڇپائي، دهليءَ مان پڌرو ڪيو. هن ڪتاب ۾ پروفيسر سنتداس جهانگياڻيءَ شاھہ لطيف جي شاعريءَ جو مختلف رخن کان جائزو ورتو آهي، سندس مضمونن جا عنوان آهن: سوامي پراڻناٿ ۽ شاھہ عبداللطيف؛ شاھہ ۽ ڏياري؛ شاھہ ۽ عيد؛ شاھہ، سماجواد جو اڳواڻ؛ شاھہ جي زماني ۾ سنڌ جو واپار؛ شاھہ زمان حال جي حوالي ۾؛ ڇا شاھہ اُمي هو؟ ۽ شاھہ، هندن جو همدرد همراز.
ليکڪ هي ڪتاب پنھنجي پيءُ سرڳواسي منگهارام گوبند بخش جهانگياڻيءَ ڏانهن منسوب ڪيو آهي، جنهن شاھہ جو ڪلام منتخب ڪري، منجهس شاھہ جي شعر جي کوجنا لاءِ اُتساھہ جاڳايو هو.


لفظ تن سپون سوجهي ڪڍيونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو