آشورين

آشورين

مصر جا اهرام

مصر جا اهرام

تهذيب

تهذيب: جيتوڻيڪ اڪثر عالم ثقافت ۽ تهذيب ۾ فرق ڪرڻ مناسب نٿا سمجهن يا وري ڪو وڏو فرق نٿا سمجهن، پر ڪيترا عالم ٻنهي ۾ فرق ڪن ٿا. ڪن عالمن پنهنجي پنهنجي سوچ مطابق وصفون بيان ڪيون آهن. هڪ وصف آهي ته پورهئي جي ورڇ ۽ ان جي نتيجي ۾ ماڻهن جا هڪ ٻئي سان لاڳاپا، عوامي اجتماعي پيداوار، جيڪا سڀني طبقن کي ملائي ترقيءَ جي رفتار ۾ واڌاري جو سبب توڙي فني، صنعتي، فڪري، آدرشي انقلاب جو ڪارڻ بنجي، تنهن کي تهذيب چئبو. ڪن جو خيال آهي ته ثقافت ۾ لکت جو اضافو تهذيب آهي. ثقافت وانگر تهذيب کي انساني پيداوار (Production) يا تخليق (Creation) سمجهڻ مناسب نه آهي. تهذيب ثقافت جي معياري پاسن يا پيداوار (ٻولي، لکت، فن، فڪر، آدرش، ڪاريگريءَ) جي سڌريل ۽ معياري صورت جو نالو آهي. تهذيب، ثقافت جي انهي پيداواري يا تخليقي حصي کي چئبو، جيڪا عوامي پسند ۽ ڀلائي لاءِ هجي ۽ اڪثر ماڻهو ان جي پٺڀرائي ڪندي سهمت هجن.
عربستان جي ريگستان مان نڪري، سامي قبيلا عراق جي دجلا، فرات واديءَ ۾ سمير جي مهذب ملڪ، ملڪيت ۽ وسيلن جا مالڪ بنيا. اهو تقريباً 4000 ق.م کان 3500 ق.م جو زمانو هو. هن علائقي ۾ 4000 ق.م کان پهريائين اڪاد/ اغاض (Akkad) پوءِ بابل جي تهذيب اسري، بعد ۾ آشورين (Assyrian) ۽ پوءِ ڪالدانين (Chaldean) هتي قبضو ڪيو. تقريباً 2500ق.م کان پوءِ امورين (Amorities)، ڪنعانين (Canaanities) ۽ فنيقين (Phoenicians)، شام ۽ لبنان سميت سموري زرخيز متمدن ۽ مهذب علائقن تي حڪومت ڪئي. اٽڪل 1500ق.م ڌاري آرميني (Aramaenes) شام ملڪ ۾ ۽ عبراني (Hebrew) قوم فلسطين ۾ آباد ٿي. اولهه ايشيا ۾، شام، فلسطين عربستان ۽ عراق جا ملڪ مختلف سامي قبيلن جي قبضي هيٺ رهيا. حقيقت ۾ سامي تهذيب ۽ وحدانيت جي مذهبن جا بنياد عربستان جي سرزمين ۾ ملي سگهن ٿا، جتان تاريخ جي لڏپلاڻ واري اصول هيٺ اهي بنياد پکڙجي ٻين ملڪن ۾ اسريا. يمن مان سامي نسل جا ابا ڏاڏا ڳاڙهو سمنڊ ٽپي آفريقا جي اٿيوپيا (حبش) جي علائقي ۾ آباد ٿيا ۽ هڪ ڌار تهذيب جو آغاز ڪيائون. نسل ۽ ٻولين جي بنياد جي لحاظ کان سامي، يا سيميٽڪ (Semetic) لفظ جو تعلق جن قومن ۽ زبانن سان ظاهر ڪيو وڃي ٿو. اهي مصر، ميسوپوٽيا ۽ سنڌو ماٿري، دنيا جي قديم ترين تهذيبن جا مشهور علائقا آهن. سنڌو ماٿري جو علائقو آثار قديمه جي تحقيقات مطابق عربي سمنڊ جي ڪناري سان ڪراچي کان 348 ڪلوميٽر اولهه طرف ”سوتڪاجندور“ (Sutkagen Dor)، اتان اتر-اوڀر طرف ”سملا“ پهاڙين جي دامن ۾ اٽڪل 1409 ڪلوميٽر روپڙ (Rupar) تائين، جتان ڏکڻ طرف، ڪراچي کان 8.5 ڪلوميٽر ڏکڻ- اوڀر ۾ الهندي ڪناري سان ”ڪمبي جي نار (Gulf of Cambay) تائين ۽ اوڀر طرف، دهليءَ کان اتر ۾ 48 ڪلوميٽر جمنا وادي اندر، سنڌو ماٿري جي تهذيب جا ڀيتي آثار مليا آهن.
سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي هن وسيع تهذيبي علائقي ۾ سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب کان اڳ جا آثار قديمه پڻ معلوم ڪيا ويا آهن. قديم بستيون نروار ڪيون ويون آهن. جن ۾ سوتڪاجندور، سوتڪا ڪوهه، بالاڪوٽ، ٿاڻو بولا خان، ڪرچاٽ، شاهه جو ڪوٽلو، الهڏنو ڳوٺ (لڳ ڪراچي)، ڏلهه، آمري، چانهو دڙو، ڊمب، بٺي، گوربندي، غازي (گاجي) شاهه، لوهري، ڳوٺ علي مراد، مٺو ديهيڻو، واهي پانڌي، لوهم جو دڙو، ڪوٽڏيجي، ڪوٽاسر، شاهه ديفزئي، ميهي، مهر ڳڙهه، موئن جو دڙو، وغيره اوائلي سنڌ جي علائقي ۾ واقع آهن. بهاولپور رياست (ڏکڻ پنجاب) ۾ يارهن پراڻا پڊ، پوءِ سانڌن والا کان ڪالي بينگن تائين ست آثار قديمه جتان اتر طرف سنڌو ماٿري جو وڃايل درياهه سرسوتي، يا گهگهر-هاڪڙو وهندو هو، اتان اتر-اوڀر طرف روپڙ (Rupar) يا ڪوٽلا نهنگ خان جا قديم آثار آهن، جنهن جي اتر ۾ راويءَ درياهه، جنهن تي موجوده شهر لاهور آباد آهي ۽ قديم زماني ۾ ٿورو هيٺ راوي جي ساڄي ڪپ تي ”هڙپا“ جو مهذب شهر آباد هو. روپڙ جي اتر- اولهه ۾ ”بياس“ ندي وهندي هئي. ”هڙپا“ جي ڏکڻ، اولهه طرف راوي ۽ جهلم ندين جو سنگم هو. اتان ٻئي گڏجي هيٺ سنڌو نديءَ ۾ ڀرتي ٿينديون هيون. اتان اتر-اولهه طرف بلوچستان جي موجوده علائقي ۾ ڪوئيٽا جي اوڀر طرف ”دبر ڪوٽ“ جو مضبوط قلعو هو. اتان سر اتر ”زوب“ ندي وهندي هئي.
سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب سمير ۽ ميسوپوٽيما جي قديم تهذيبن سان حيرت انگيز طور هڪ جهڙائي ڏيکاري ٿي. ترقي يافته شهري زندگي، چڪ تي مٽيءَ جا ٿانو ٺاهڻ جو هنر، کورن ۽ پڪين سرن جو استعمال، ٽامي ۽ ڪانجهي مان ٺهيل کائڻ پيئڻ جا ٿانو ۽ تصويري رسم الخط ٻنهي قديم تهذيبن، سنڌو ماٿري جي تهذيب ۽ سميري-اڪادي تهذيب جا عام عنصر آهن. ايلام ۽ ميسوپوٽيميا جي قديمي علائقي مان موهن جي دڙي جهڙيون ٻه مهرون هٿ آيون آهن ۽ موئن جي دڙي جي لپي ساڳي چپري (Cuniform) لپي آهي، جيڪا ايلام ۽ ميسوپوٽيميا ۾ استعمال ٿيندي هئي. اهي ٽي قديم تهذيبون الڳ طور تي اڀريون يا هڪ ٻئي جون شاخون هيون، اهو سوال حل نه ٿيو آهي. ٻيو اهم سوال هي آهي ته قديم سنڌي تهذيب جو هندي آرين جي ويدانيتي تهذيب سان ڪهڙو تعلق رهيو آهي؟ بظاهر ٻنهي تهذيبن ۾ نمايان فرق نظر اچي ٿو، قديم سنڌي تهذيب، سڌريل شهري زندگي جي عڪاسي ڪري ٿي، جڏهن ته ويدانيتي هندو آريائي تهذيب وسيع طور تي ٻهراڙيءَ جي زندگي سان وابسته آهي. آريا لوهه جي استعمال ۽ جنگي اوزارن ٺاهڻ ۾ ڀڙ هئا. جڏهن ته سنڌي انهن کان ناواقف هئا. آرين گهوڙن جو ۽ سنڌين اٺن جو استعمال ڪيو ٿي. مذهبي عقيدن ۽ ريتن رسمن ۾ پڻ نمايان فرق معلوم ٿئي ٿو. ويدانيتي آريا ڳئون جي پوڄا ڪندا هئا ۽ سنڌي ڏاند (ڍڳي) جا پوڄاري هئا. سنڌين جو شو مهراج ۽ ماتا ديوي آرين جي مذهب ۾ موجود نه هئا ۽ اهي لنگ پوڄا جي سخت خلاف هئا. اهڙي طرح قديم سنڌي تهذيب ويدانيتي هندو آريائي تهذيب کان مختلف ۽ انهيءَ کان آڳاٽي هئي. سنڌي تهذيب ٽئين سهسر ق.م سان تعلق رکي ٿي ۽ آريائي تهذيب جو تعلق ٻئي سهسر .ق.م سان آهي. تاهم اهو زماني جو تعين حتمي نه آهي، ڇاڪاڻ ته ڪجهه محقق رگ ويد جو زمانو ٽي هزار ق.م کان اڳ ڄاڻائين ٿا. بهرحال ايئن چئي نه ٿو سگهجي ته هندي آريائي تهذيب مان هند-سنڌ جون باقي تهذيبون اسريون آهن. قديم سنڌي تهذيب جو برصغير جي باقي تهذيبن جي اسرڻ ۾ نمايان ڪردار نظر اچي ٿو.


لفظ تهذيبھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو