توبه، سورة: قرآن مجيد جي نائين سورة. هي سورت البرات جي نالي سان بہ مشھور آهي. هن ۾ ڪل 16 رڪوع ۽ 129 آيتون آهن. هن سورة جي پهرين آيت ۾ بعض ايمان وارن جي معافي جو ذڪر ٿيل آهي. هيءَ اها سورة آهي، جنهن جي شروعات بسم ﷲ کان نٿي ٿئي. امام رازيءَ جي بقول تہ خود حضور صلي ﷲ عليہ وآله وسلم جن بسم ﷲ ڪانہ لکائي هئي. هن آيت جي نازل ٿيڻ جو وقت 9 هجري جي لڳ ڀڳ آهي. هن آيت جا پهريان پنج رڪوع حضرت ابوبڪررضه کي اميرالحج ڪري موڪلڻ کان پوءِ نازل ٿيا. پوءِ جا چار رڪوع غزوه تبوڪ جي تياريءَ مھل نازل ٿيا ۽ باقي آيتون غزوه تبوڪ جي واپسيءَ تي نازل ٿيون. اهي معاملا، جن جي پيشِ نظر سورة توبہ نازل ٿي، اهي هي آهن:
1. جيئن تہ اسلامي رياست جو قيام عمل ۾ اچي چڪو هو، ان لاءِ ضرورت ان ڳالھہ جي هئي تہ مخالف قوتن ۽ قديم نظام جو خاتموڪيو وڃي ۽ جاهليت جي دور جي سڀني رسمن جو مڪمل خاتمو آندو وڃي.
2. پاڙيسري ملڪن کي دين حق جي دعوت ڏني وڃي ۽ کين اسلامي جهنڊي هيٺ آندو وڃي.
3. داخلي معاملن تي توجھہ ڏيڻ ضروري هو تہ جيئن منافقن جي پاڙ پٽي وڃي. ان لاءِ حضور صلي ﷲ عليہ وآله وسلم غزوه تبوڪ جي تياريءَ وقت سوبلم جي گهر کي ساڙائي ڇڏيو، جتي منافق گڏ ٿي مسلمانن جي خلاف سازشون ڪندا هئا. انهيءَ پاليسيءَ هيٺ تبوڪ کان واپسيءَ کان پوءِ مسجد ضرار کي بہ ڊاهڻ جو حڪم ڏنو.
4. مسلمانن جي ارادن کي پڪو ڪرڻ ۽ ڪفر ۽ اسلام جي ويڙھہ ۾، اسلام لاءِ جان فدا ڪرڻ جو جذبو بيدار ڪرڻ. جيڪو هن سورت جي نالي البرات مان ظاهر آهي، پهرين رڪوع ۾ ڪافرن جي شرارت کي ٻنجو ڏيڻ ۽ انهن کان علحدگي اختيار ڪرڻ جو ذڪر آهي ۽ ٻئي رڪوع ۾ انهن ماڻهن جو بہ ذڪر ڪيو ويو آهي، جن سان اڃا جنگ ڪرڻي هئي، جن بار بار وعدي خلافي پئي ڪئي ۽ قسم کڻي ڦري ٿي ويا. ٽئين رڪوع ۾ ٻڌايو ويو تہ مسلمانن کي اسلام خاطر مالي ۽ جاني قربانيون ڏيڻ گهرجن ۽ چوٿين رڪوع ۾ ٻڌايو ويو آهي تہ پنھنجي تختن تي ناز نہ ڪيو، جو اهي اوهان کي ﷲ پاڪ جي طرفان عطا ٿيل آهن. پنجين رڪوع ۾ اهل ڪتاب وارن جي اسلام خلاف ڪيل ڪوششن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ڇهين رڪوع ۾ غزوه تبوڪ جو ذڪر آهي. ستين رڪوع ۾ ٻڌايو ويو آهي تہ منافق اسلام کي تباھہ ٿيندو ڏسڻ چاهين ٿا. اٺين رڪوع ۾ منافقن جي ايذاءُ رسائي ۽ نائين رڪوع ۾ نفاق جي ناڪاميءَ جي انجام بابت ٻڌايو ويو آهي.
5. ڏهين رڪوع ۾ منافقن سان جهاد ۽ يارهين رڪوع ۾ انهن سان مڪمل تعلق ٽوڙڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ٻارهين ۽ تيرهين رڪوع ۾ منافقن ۽ سندن گروھہ کي ٻٽي عذاب ڏيڻ بابت فرمايو ويو آهي. جڏهن تہ چوڏهين ۽ پندرهين رڪوع ۾ ٻڌايو ويو آهي تہ مومنن جو خدا سان ڪهڙو عھد آهي ۽ انهن کي پنهنجون خدمتون ڪهڙي نموني سرانجام ڏيڻيون آهن.