توتانُ: توتان هڪ بھادر نوحاڻي ٻروچ هو، جنهن موندرَ ۽ چڪي خاصخيليءَ سان گڏجي، بختيار بيگ ترڪمان سان مقابلو ڪيو هو. بختيار بيگ ان وقت سيوهڻ جو حاڪم هو ۽ نوحاڻين، بختيار بيگ جي آڻ مڃڻ کان نابري واري ڇڏي هئي، ان ڪري بختيار بيگ مٿن رعب ڄمائڻ لاءِ ڪاھہ ڪئي. توتان نوحاڻي بهادريءَ سان وڙهندي وڙهندي، بختيار بيگ جي چرڪس غلام، رحمان قليءَ هٿان مارجي ويو. انهيءَ جنگ جي باري ۾ سگهڙن جا ڪيئي بيت مشھور آهن، جھڙوڪ:
ڌَڙ ڌُٻيو، سِر لُڏيو، پوءِ بہ چَڪيءَ هَنيُئون چار،
تو تان جي تَرار، موندر مَست ملهائيو!