توتان خان نوحاڻي بلوچ

توتان خان نوحاڻي بلوچ: ’تاريخ مظهر شاھجھاني‘ ۾ يوسف ميرڪ ڄاڻائي ٿو ته، ”مقصود بيگ کان پوءِ سيوهڻ جو صوبيدار بختيار بيگ ترڪمان کي ڪيو ويو. هن اچڻ سان ترخانن جا بھادر ماڻهو چونڊي پاڻ وٽ رکيا ۽ مقامي ماڻهن کي سيکت ڏيڻ جو ارادو ڪيو، انهيءَ ڪم لاءِ هن ڪن جابلو ماڻهن، سميجن ۽ انڙن کي جاسوسيءَ لاءِ خفيہ ملازم رکيو. اهڙيءَ ريت سميجن، انڙن ۽ نومڙين جا هزارين جوان قتل ڪرايائين ۽ باقي رهيل ماڻهن کان ڍل پيو اوڳاڙيندو هو. اهو ظلم ڏسي نوحاڻي بلوچن آواز اٿاريو، جنهن تي سرڪار پاران مٿن نافرمانيءَ جو الزام مڙهي کين سيکت ڏيڻ جو فرمان جاري ڪيو ويو. نوحاڻي قبيلي جي سردارن مان هڪ جو نالو توتان خان نوحاڻي هو، جيڪو وڏو بھادر ۽ دلير هو، توتان خان جڏهن اهو ٻڌو تہ بختيار بيگ نوحاڻي بلوچن تي ڪاھہ ڪرڻ پيو اچي تہ هو پنھنجي لشڪر ۽ پنھنجي مائٽ موندر خاصخيلي ۽ يڪي خاصخيليءَ سان گڏ اچي بلوچستان گڏيو، مغل فوج وڏي تعداد ۾ هئي، جنهن سبب نوحاڻي بلوچ جنگ هارائي ويا، پر نوحاڻي بلوچن جو هڪ هڪ جوان وڏي بهادريءَ سان وڙهندي قتل ٿيندو ويو، توتان خان نوحاڻي مغل فوج جي سوين سپاهين جون سسيون لاهي ڇڏيون، آخرڪار رحمان قليءَ اچي توتان خان جي سامهون ٿيو. توتان خان ۽ رحمان قلي پاڻ ۾ وڙهندا رهيا. رحمان قلي کي جيئن تہ زرھہ پاتل هئي. انهي ڪري توتان جو هر وار مٿس ڪارگر نہ پئي ٿي سگهيو، پر رحمان قليءَ جا وار توتان خان کي زخمي ڪندا ويا، آخرڪار توتان خان نوحاڻي قتل ٿي ويو. هڪ ٻي روايت مطابق توتان خان نوحاڻي ۽ رحمان قليءَ پاڻ ۾ وڙهي رهيا هئا تہ ڌوڪي سان مغل فوج جي ڪجهہ ڪارندن لڪي پويان اچي توتان تي وار ڪيا، جنهن سبب هو شھيد ٿي ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو