توحيد

توحيد: خدا تعاليٰ کي هڪ ڪري مڃڻ جو عقيدو ’توحيد‘ آهي. هيءُ اسلام جي پنجن رڪنن مان پهريون ۽ بنيادي رڪن آهي. هن رڪن موجب، تعاليٰ واحد ۽ هڪ آهي، ڪوبه سندس عظمت، هيڪڙائي ۽ خدائيءَ ۾ شريڪ نہ آهي. هن لفظ جي لغوي معنيٰ ’هڪڙو ٺاهڻ‘ يا ’هيڪڙائيءَ جي مڃتا‘ آهي. انهيءَ ڪري اهو اصطلاح ”وحدانيت يا توحيد“ لاءِ بہ ڪم آندو وڃي ٿو. ان جي مطلب ۽ مراد آهي تہ ”سواءِ جي ٻيو ڪو معبود ڪونهي.“ توحيد جي معنيٰ آهي، هڪڙي کي مڃڻ ۽ ان تي ايمان آڻڻ، توحيد جي حقيقت، جي ذات ۽ صفات ۾ ڪنهن کي شريڪ نہ سمجهڻ آهي.
اسلام کان اڳ وارن مذهبن ۾ بہ توحيد جي تعليم اهم هئي ۽ سڀني نبين اها تعليم ڏيڻ لاءِ پنهنجون حياتيون وقف ڪيون. توحيد جي علم جي طبعي تقاضا اها آهي تہ ان ۾ دين ۽ ديني عقيدن جي باري ۾ گهڻن مسئلن ۾ اختلاف راءِ هجي. انهن مختلف مسئلن کي موضوعن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، جيڪي هي آهن: (1) جسم، حادثاتي آهي، ان جو مقصد دهرين جو رد آهي، جيڪي زماني کي قديم مڃيندا آهن، (2) ”عالم کي ايجاد ڪندڙ هڪ آهي، ۽ اُهو ”“ آهي، (3) هڪ آهي، دوئي ۽ تثليث جو نظريو رد ٿئي ٿو، (4) ”انسان جي فعلن جو بحث، تہ ڇا انسان خود افعال (ڪم) پيدا ٿو ڪري يا انهن جو خالق بہ آهي؟
قرآن، اسلام جو بنيادي ڪتاب آهي، جيڪو انسان کي سوچڻ، سمجهڻ، فڪر ۽ غور ڪرڻ جي دعوت ڏئي ٿو. انهيءَ ڪري ضروري آهي تہ اهل اسلام خود قرآن کي سمجهڻ ۾ پنھنجي عقل ۽ راءِ کان ڪم وٺن ۽ اهڙيءَ طرح سنت کي بہ مڃيو وڃي، جيڪا ان جي توضيح ڪري ٿي، سوچي ۽ پرکي ٿي؛ پر جيستائين رسول صلي عليہ وسلم ماڻهن جي درميان رهيا تہ انهن کي قرآن شريف کي سمجهڻ ۽ غور ڪرڻ جي ضرورت نہ هئي، ڇوته جڏهن اصحابين کي ڪا ڳالھہ سمجهہ ۾ نہ ايندي هئي تہ نبي سڳوري صلي عليہ وسلم جي خدمت ۾ حاضر ٿي پڇي وٺندا هئا، جيڪو کين سنئينءَ راه تي وٺي هلندو هو. نبي سڳوري صلي عليہ وسلم جي ظاهري وصال بعد خلافت جو مسئلو اُٿيو ۽ اختلاف پيدا ٿيا، ان کان پوءِ ئي مناظرا، مجادلا ۽ مباحثا شروع ٿي ويا.
بهرحال اسلام جي بنيادي رڪنن مان پهرئين يعني توحيد تي ايمان ئي سڀني لاءِ اهم ترين رڪن رهيو آهي، جنهن تي نہ صرف شريعت جا پابند عالم، پر سمورا صوفي بہ متفق آهن.


لفظ توحيدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو