توخته بيگ

توخته بيگ: جھانگير بادشاھہ پنھنجي عھد ۾ توخته بيگ جي ڪابل مان بدلي ڪري کيس سردار خان جو لقب ڏئي، بکر، سبي ۽ سيوهڻ جو جاگيردار مقرر ڪيو. جنهن کانپوءِ توخته بيگ صرف سردار خان
جي نالي سان مشھور ٿي ويو. ’تاريخ مظهر شاھجھاني‘ ۾ يوسف ميرڪ لکي ٿو تہ سردار خان مرزا حڪيم جي ماڻهن مان هو ۽ پوءِ اڪبر جي خاص ماڻهن ۾ شامل ٿيو. اڪبر بادشاھہ سندس بهادريءَ ۽ ايمانداريءَ تي کيس لاهور ۾ جاگير ڏني هئي. سندس بهادريءَ ۽ ايمانداريءَ کي ڏسي جھانگير بادشاھہ کيس ’سردار خان‘ جو لقب ڏنو ۽ گڏوگڏ بکر، سبي ۽ سيوهڻ جو جاگيردار پڻ مقرر ڪيو. قنڌار جو صوبو پڻ شاھہ بيگ جي بدران هن جي هٿ هيٺ رهيو. مير ابوالقاسم کي جلال الدين جي مھم تي رکيو ويو، سردار خان (توخته بيگ) اڃا ملتان مس پهتو تہ شاھہ بيگ کي شاھہ عباس صفويءَ جي لشڪر قنڌار جي قلعي ۾ کڻي سوگهو ڪيو، جھانگير بادشاھہ مرزا غازي بيگ ترخان ۽ قره بيگ کي ڌار ڌار لشڪر ڏئي قنڌار موڪليو. رستي تي قره بيگ فوت ٿي ويو. شاھہ عباس صفويءَ جو لشڪر چغتائي فوج اڳيان ڪو چارو نہ ڏسي واپس ايران موٽي ويو. قنڌار جي فتح تي کيس ٻہ هزاري منصب جو خطاب مليو. هن قنڌار ۾ حڪمران هجڻ واري دور ۾ 1016ھہ/1607ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ توخته بيگھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو