توران: توران وچ ايشيا جي هڪ خاص علائقي کي سڏيو ويندو آهي. هي وسيع علائقو آهي، جيڪو منگوليا ۽ روس تائين ڦهليل آهي. هن علائقي ۾ ترڪ، تاتاري ۽ ترڪمان قومون وڏي تعداد ۾ رهن ٿيون. جڏهن ته ٻيون قومون به هتي آباد آهن. توران جي علائقي ۾ آزاد ملڪ آهن، جن ۾ ازبڪستان، تاجڪستان، ترڪمانستان وغيره اچي وڃن ٿا. جڏهن ته هن جو هڪ حصو چين ۾ به شامل آهي .