توريت

توريت/تورات: اسلامي عقيدي موجب تعاليٰ طرفان نبين تي لاٿل آسماني ڪتابن مان هڪ ڪتاب، جيڪو حضرت موسيٰ عليہ السلام تي لاٿو ويو، توريت يا ’تورات‘ موجودہ بائيبل (ڪتاب مقدس) جو هڪڙو حصو آهي. ڪتاب مقدس جا ٻہ اهم حصا آهن: ”عهدنامه قديم“ ۽ ”عهدنامه جديد“. عهدنامه قديم، عهدنامه جديد جي ڀيٽ ۾ گهڻو ضخيم آهي. سڄو بائبل سڀني عيسائين جو مذهبي ڪتاب آهي، پر يهودين جو بنيادي مذهبي ڪتاب ”عهدنامه قديم“ آهي. يهودي عهدنامه جديد کي نٿا مڃين، ڇوته اهو انجيل ۽ ٻين صحيفن تي مشتمل آهي، جيڪو عيسائين جي نظر ۾ بہ مقدس آهن. عهدنامه قديم يهودين جي مختلف صحيفن جو مجموعو آهي. عيسائين ابتدا ۾ ئي پنھنجي مقدس ڪتاب کي تسليم ڪيو هو. يهودين جي عالمن عھد قديم کي ٽن حصن ۾ ورهايو آهي: ’تورات‘ (قانون يا شريعت)، ’نبين جا صحيفا‘، ۽ ’مقدس صحيفا‘. تنهنڪري نہ تورات سڄو بائبل آهي ۽ نہ عهدنامه قديم، ڇو تہ جيئن مٿي ٻڌايو ويو آهي تہ تورات کان سواءِ ٻيا صحيفا بہ يهودين جي مقدس ڪتاب جا لازمي جزا آهن، پر انهن سڀني صحيفن ۾ تورات کي روايتي طرح حضرت موسيٰ عليہ السّلام سان منسوب ڪيو ويندو آهي. ان ۾ بني نوع بشر جي پيدائش کان وٺي بني اسرائيل جي تاريخ تائين ۽ ان کان پوءِ حضرت موسيٰ عليہ السّلام جي وفات تائين ذڪر آيل آهي. هن تاريخي خاڪي ۾ بني اسرائيل لاءِ جيڪي معاشرتي ۽ مذهبي قانون وضع ڪيا ويا هئا، اُهي سڀ شامل آهن. ”تورات“ پنجن صحيفن تي مشتمل آهي، جن کي ”موسيٰ جا صحيفا“ چيو وڃي ٿو. جن جو تفصيل هن طرح آهي:
تڪوين: هن ۾ حضرت موسيٰ عليہ السّلام کان اڳئين دور بابت بحث ڪيل آهي، جنهن جو مقصد اهو آهي تہ آلِ يعقوب جي اهميت نمايان ڪئي وڃي ۽ مذهب ۾ اخلاق کي جيڪو رتبو حاصل آهي، ان جي وضاحت ڪئي وڃي.
خروج: هي صحيفو حضرت موسيٰ عليہ السّلام جي ولادت کان شروع ٿئي ٿو. هن ۾ اهو بيان ٿيل آهي تہ ڪهڙيءَ طرح هو بني اسرائيل کي مصر کان ڪڍي ’سِينِينِ تائين‘ وٺي ويو، جتي کانئس مقدس ميثاق (عهدنامو) ورتو ويو ۽ ان لاءِ شرط ۽ ٻيا قانون وضع ٿيا.
اويين: هن ۾ بني اسرائيل لاءِ اهي قانون آهن، جن جو لاڳاپو خاص ڪري عبادتن سان آهي.
عدد: هن ۾ خروج کان پوءِ جو تاريخي تبصرو آهي تہ ڪهڙيءَ طرح بني اسرائيل صحرا مان نڪري اُردن جو علائقو فتح ڪيو، ۽ اُن دور ۾ هنن لاءِ جيڪي قانون رائج ٿيا، اُهي بہ ڏنل آهن.
تثنيه: هن ۾ تاريخي پس منظر تي نظر وڌي وئي آهي ۽ هڪڙو گڏيل قانون پيش ڪيو ويو آهي. هي صحيفو حضرت موسيٰ عليہ السّلام جي وفات جي ذڪر تائين ختم ٿيو آهي. هتي ”عهدنامه قديم“ جي باقي صحيفن جو تفصيل ڏيڻ بہ مناسب ٿيندو، خصوصاً انهيءَ ڪري، جو تورات ۾ جن خاص ڳالهين جو ذڪر آهي، اُهي انهن ۾ بہ موجود آهن. عهدنامه قديم جي ٽن قسمن مان ٻيو قسم صحائف انبياء آهي، جنهن جو تفصيل اٺن حصن ۾ ٿيل آهي، جيڪي گڏي ٻن قسمن ۾ ورهايل آهن:
(الف) اوائلي انبياء: يوشع، قضاه (قاضي)، سموئيل ۽ ملوڪ (بادشاه) (ب) آخري انبياء: اشياه، اڙيمياه، خزقپال، ۽ صغير انبياء (انبياء اصاغر جا بہ ٻارهن صحيفا آهن، جيڪي سڀئي ملائي هڪڙو صحيفو شمار ٿئي ٿو). ٽيون قسم صحيفئه مقدسہ آهي. اهي ڪُل يارهن آهن، جيڪي ٽن قسمن ۾ ورهايل آهن: (الف) صُحيف اشعار: (1) مزامير، (2) امثال، (3) ايوب. (ب) مجلاتِ خمسہ: (4) نشيدالانشاد، (5) راعُوت (6) اَستِير. (ج) يقيہ صحائف: (7) دانيال، (8) عَزرا ۽ (9) نخميا (انهن ٽنهي کي ملائي هڪ صحيفو شمار ڪيو ويندو آهي) ۽ (10 ۽ 11) اَيام. اهي ڪل 24 صحيفا آهن، انهن جي اصل زبان عبراني آهي، سواءِ چند عبارتن جي، جيڪي ’دانيال‘ ۽ ’عزرا‘ ۾ آهن، سي آرامي زبان ۾ لکيل آهن.
قرآن مجيد جي شاهدي آهي تہ تعاليٰ حضرت موسيٰ عليہ السلام تي تورات نازل ڪيو هو، جيئن بعد ۾ عيسيٰ عليہ السلام تي انجيل ۽ نبي سڳوري صلي عليہ وسلم تي قرآن شريف نازل فرمايو ويو. قرآن شريف ۾ تورات جو ذڪر نهايت خوش آئند لفظن ۾ ڪيو ويو آهي. قرآن ڪريم مان اهو بہ ظاهر ٿئي ٿو تہ تورات ۽ ٻيا صحيفا ام الڪتاب جو پاڇو آهن. مڪي سورتن ۾ عام طرح تورات کي ”الڪتاب“ يا ڪن تعريفي نالن (ضياء، فرقان، رحمت) سان ياد ڪيو ويو آهي. قرآن شريف مان اهو بہ ظاهر آهي تہ تورات حضرت موسيٰ عليہ السّلام تي چاليهن ڏينهن ۾، سينا جي ميدان ۾ ’ڪوه طور‘ تي نازل ٿيو هو، ۽ پاڻ ان کي پَٽيءَ (ڦرهيءَ) تي لکي ڇڏيائون، جڏهن هُو بني اسرائيل کي فرعون جي ظلمن کان نجات ڏياري، مصر مان ڪڍي رهيو هو. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي تہ تورات بني اسرائيل لاءِ، حضرت موسيٰ عليہ السّلام کان وٺي نبي سڳوري صلي عليہ وسلم تائين هڪ مڪمل ۽ مفصل دستور حيات هو، جنهن ۾ جنگ جا قانون، دشمنن ۽ جنگي قيدين سان سلوڪ، ازدواجي مسئلا، وچڙندڙ بيمارين بابت احتياط ۽ رهائشي جاين بابت هدايتون وغيرہ شامل هيون؛ يقيناً ڪنهن بہ قوم کي تعاليٰ جي طرفان اهڙو دستور حيات اڳ نہ ڏنو ويو هو ۽ اهو ان ڪري جو بني اسرائيل هڪ برگزيده قوم هئي.
”عهدنامه قديم“ جي ٻين صحيفن مان واضح ٿئي ٿو تہ تورات ۾ تحريف جي شروعات ابتدائي زماني کان ئي شروع ٿي وئي هئي. بني اسرائيل جي ڪن نبين خود ان جي شاهدي ڏني ۽ ان فعل کي مذموم قرار ڏنو هو. جديد تنقيد ۽ تحقيق جي پيش نظر هيءَ هڪ راءِ بہ موجود آهي تہ موجودہ تورات ۽ ٻيا صحيفا، قديم مذهبي عقيدي جي برخلاف، جو ڪلام يا وحي من نہ آهن، بلڪہ انهن مختلف صحيفن کي انسانن جدا جدا زمانن ۾ تاليف ۽ تصنيف ڪيو. تاريخ ۾ ائين بہ آيل آهي تہ تورات جا صحيفا زماني جي حادثن هٿان ڪيترائي ڀيرا تلف ٿيا آهن، جيئن تہ 586 ق. م ۾ بخت نصر حملو ڪري، يروشلم کي تباھہ ڪري ڇڏيو. هن تباهيءَ ۾ تورات سڙي شھيد ٿي ويو، ۽ يهودين کي بابل ۾ جلاوطن ڪيو ويو


لفظ توريتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو


آسماني ڪتاب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

توريت
آسماني ڪتاب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون