
توريو
توريو Oilseed rape (Brassica napus ):توريو، تيلي ٻج جو قسم آهي. توريي جو تيل کائڻ جي ڪم ايندو آهي. هن جو ٻج مصالحي طور آچار ۽ کاڌي ۾ خوشبوءِ پيدا ڪرڻ لاءِ وجهبو آهي. هن جي ٻج مان 33 سيڪڙو تيل ملي ٿو. هن جو ٻج هلڪو ڀورو ٿئي، جنهن جي کل تي هلڪيون ليڪون ٿينديون آهن.
فصل جي پوکي: هن فصل لاءِ لٽاشي ۽ چيڪي لٽاشي زمين سٺي آهي. هن فصل جي زمين جي تياري بہ سرنهن وانگر ڪبي آهي. هي فصل آگسٽ ۽ سيپٽمبر مهيني ۾ پوکبو آهي. ٻج 2 کان 3 ڪلوگرام ايڪڙ جي حساب سان ڏبو آهي. ٻج ننڍو هوندو آهي ان ڪري ان ۾ مٽي ملائي پوءِ پوکبو آهي. هن کي هڪ انچ کان ڏيڍ انچ جي گهرائي تي پوکبو آهي. ناڙي ڪرڻ مھل قطارن جي وچ ۾ وٿي ٻہ فوٽ کن ڇڏي ويندي آهي. هي فصل ٻن پاڻين ڏيڻ سان پچي ويندو آهي. هن کي هڪ ٻوري في ايڪڙ نائٽروجن ڀاڻ ڏيڻ گهرجي.