تورپيو مسڻ

تورپيو مسڻ: تورپيو مسڻ ڳوٺ حاڪم ڏيپر تعلقي وارھہ جو رهاڪو هو. ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين. هو عربي، فارسي ۽ سنڌي زبانن جو ڄاڻو هو. ننڍي هوندي کان ئي شعر گوئيءَ جو شوق رکندو هو ۽ شاعريءَ ۾ تور ۽ تورپيو تخلص ڪم آڻيندو هو. چيو وڃي ٿو تہ هو ننڍي هوندي ٻڪريون چاريندو هو، هڪ ڏينهن ڪنهن وڻ هيٺان ستو پيو هو تہ خواب ۾ ڪنهن بزرگ چيس تہ اٿي بيت چئہ انهيءَ ڏينهن کان هن شاعريءَ جي ابتدا ڪئي. تورپيي مسڻ ڪيترائي ڪلام چيا آهن. سندس ڪلام بيتن، ڪافين، ٽيھہ اکرين، مولودن ۽ ڏوهيڙن تي مشتمل آهي. سندس وفات 1927ع ڌاري ٿي .


لفظ تورپيو مسڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو