تورڪي ڀِٽ:ھي قديم ماڳ ميرڻ خان رند جي ڳوٺ جي ڀرسان ديھہ اين- 21، تعلقي نواب شاھہ، ضلعي بينظير آباد (نواب شاھہ) ۾ واقع آھي.
ھن ماڳ جي چوڌاري ھي ڳوٺ آھن:
اتر ۾ 7 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي محمد شاھاڻي ڳوٺ، اتر ۾ ٻن ڪلوميٽرن تي گاھي خان جو ڳوٺ، اوڀر ۾ ٽن ڪلو ميٽرن تي چراگاھہ ڀٽي. جڏھن تہ نواب شاھہ شھر هتان کان 23 ڪلوميٽرن تي ڏکڻ اولھہ جي ڪنڊ ۾ آھي.
ھي ماڳ اتر ڊگهائي ڦاڪ'' 26023'15 ڊگرين ۽ اوڀر ويڪرائي ڦاڪ 68025'32'' ڊگرين تي موجود آھي. دڙي جي وڌ ۾ وڌ ڊيگهہ 500 ميٽر اتر ڏکڻ ۽ ويڪر 200 ميٽر اوڀر اولھہ ٿيندي. ھي دڙو مستطيل شڪل ۾ واريءَ جي ڀٽن جي صورت ۾ موجود آھي. مٿاڇري تان ڪا خاص وٿ ڪانہ ٿي ملي. سڄي دڙي تي رڳو ڳاڙھو ٺڪراٺو ملي ٿو. مليل وَٿن ۾ ڀڳل ٿانون جا ترا، ڪنا وغيرہ آھن. ٺڪر سٺو پڪل ۽ چڪ تي لٿل آھي، رنگ ڪجسو ڳاڙھو (Dull Red) پر پيلي رنگ جو ٺڪراٺو بہ عام جام آھي. ٺڪر چٽيل آھي، جنھن تي پور وڇوٽ ليڪون ڪاري رنگ جون نڪتل آھن، پن جو چٽ، سڌا ٽٻڪا، ۽ چوڪنڊا نڪتل آھن. سڄي ٺپيل ٺڪر تي سج جا چٽ ۽ گولڙا پاتل آھن، جڏھن تہ پيلي رنگ جي ٺڪر تي کرچ جا نشان آھن. ڪٿي بہ ڳاڙھو ڌاءُ نہ مليو آهي.