تور وال

تور وال (قبيلو ):هي غير پٺاڻ قبيلو سوات جي هيٺئين علائقي، يوسف زئي قبيلي جي فتح کان اڳ 16هين عيسوي تائين هتي آباد هو، پر هاڻي هو سوات جي ڪوهستاني علائقي ۽ سنڌوءَ جي ڪنارن ڏانهن ڌڪجي ويا آهن. تور وال نالي ماتر ياسين ۽ مستوج (Mastuj) جي سردار قبيلي خشونت جي سرداري نظام هيٺ رهن ٿا. هن قبيلي جي مادري ٻولي تور والي آهي. هي قبيلو ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. (1) نريت Narait ۽ (2) دري خيلي Dre-Khal. نريت قبيلي جون بي لوٽ، بدلوٽ، چموٽ، خان خيل، نر جملوٽ ۽ جملوٽ، جڏهن تہ دري خيلي قبيلي جون دري، دري خيلي، ڪيپوٽ، بوٽ ۽ باست شاخون آهن. تور وال اڄڪلھہ ٽن جاين تي آباد آهن: (1) تعلقو بحرين (سنڌو درياھہ جو اولاهون ڪنارو)، (2) تعلقو بحرين (سنڌو درياھہ جو اوڀر وارو ڪنارو)، (3) تعلقو ميدين بشي گرام وارو. انهن کان سواءِ ڪالام ۽ چين جي ڪن علائقن ۾ بہ هن قبيلي جا ماڻهو موجود آهن، پر بحرين ئي سندن وڏو رهائش وارو خطو ليکيو وڃي ٿو. جيستائين نسل جو لاڳاپو آهي تہ اهي ٽئي قبيلا پاڻ کي هڪ ٻئي کان نسلي طور الڳ سمجهن ٿا. مقامي روايتن موجب هي ماڻهو قديم وقت ۾ عربستان ۽ خاص ڪري سعودي عرب جا رهندڙ هئا، پر اسلام قبول نہ ڪرڻ سبب اتان لڏي افغانستان جي علائقي ”تورواج گل“ ۾ آيا، ڪن اڻڄاتل سببن سبب اتان لڏي سوات ۾ ’بري ڪوٽ‘ جي هنڌ کي پنھنجي گاديءَ جو هنڌ بڻائي، اُتي رهڻ لڳا. پنج صديون کن اڳ هنن کي اتان لڏي هاڻوڪين وسندين کي آباد ڪرڻو پيو، پر نسلي ۽ لساني ماهر پروفيسر ’جي- ٽوجي‘ لکي ٿو تہ اهي ماڻهو جيڪي پريسي پولسل جي ڪتبي ۾ هداس (Hidas) جي نالي سان موجود آهن، سي 1700ق.م جي پڇاڙي تائين وچ ايشيا مان انهن علائقن ۾ آيا. بحرين جو علائقو، جنهن جو پراڻو نالو ’برانيا‘ يا ’ڀونال‘ هو، هڪ وسيع ۽ ويڪرو علائقو آهي، جنهن کي سوات جي درياھہ ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي ۽ جيڪو ڪالام ۽ مدين جي وچ ۾ واقع هڪ بھترين تفريح گاھہ سمجهيو وڃي ٿو. ان جو مفاصلو سيدو شريف کان 64 ۽ ڪالام کان 36 ڪلوميٽر ٿئي ٿو. اهو علائقو سامونڊي سطح کان اٽڪل 4500 فوٽ اوچو آهي. ان جي مشھور هنڌن مان بحرين، پنجي گاھہ، زور ڪلي، پشمال داروئي، اريانئي، ڪيدام، راميٽ ڪلائي، ساتال، اباسين، گورني ۽ اسوڪا مشھور آهن .


لفظ تور والھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو