تور ڊيري لکت

تور ڊيري لکت Tor Dari Inseriptions (قديم لکت ):پٿرن تي پراڻيون لکتون، جيڪي ٻوڌي دور سان واسطو رکن ٿيون، سي مشھور ماڳ تور ڊيري دڙي لڳ تعلقي دوڪي ضلع لورلائي، بلوچستان ۾ موجود آهن. مسٽر اسٽين جڏهن تور ڍيري ۾ ٻڌن جو وِهار ڏٺو هو، جنهن جي بنيادن جا نشان اڃا قائم آهن، تہ اُتي هن ٻہ پٿر بہ ڏٺا هئا، جن تي ڪا لکت هئي. هڪ تي ڪي اکر هئا ۽ ٻئي تي جانورن ۽ ماڻهن وغيرہ جون تصويرون. هن هڪ گهوڙيسوار جي تصوير ۽ هڪ سواستيڪا جي نشان جي ڳالھہ ڪئي. پاڪ-جرمن اسٽڊي ٽيم انهيءَ ماڳ جو 1985ع ڌاري ٻيهر معائنو ڪيو تہ هنن کي اهي ٻئي پٿر اتي موجود نہ مليا، پر کين هڪ ٽڪريءَ تي ڪيترين ئي لکتن جا نمونا مليا آهن. جن مان ڪي بلڪل چٽا ۽ واضع آهن ۽ ڪي وري ڪاراٽجي چٻڙ ٿي ويا آهن. ٽڪريءَ تي اجتماعي توڙي انفرادي انسانن جي پٿر تي اڪر ٿيل ملي آهي. انهن ۾ جانورن جي اڪر آهي. انهن تي ڪنهن نوڪ زدگي (Pecking) ذريعي تکن اوزارن سان نقش ٺاهيا آهن. جانورن، گهوڙي جا نقش گهڻا آهن. هڪ پٿر تي خروشتي ٻوليءَ ۾ ڪجهہ لکيل يا اڪريل آهي، اهڙيون لکتون پاڪستان مان گهڻي تعداد ۾ ڪيترن هنڌ تان مليون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو