تور گهر

تور گهر

تور گهر

تُور گهر (Tor Ghar ):هي قديم ماڳ بلوچستان صوبي جي ضلعي موسيٰ خيل ۾ آهي. هن ماڳ جي عمر جو اندازو قديم آثارن جي ماهرن 22000 ق. م لڳايو آهي. هن ٽاڪرو علائقن ۾ ٻہ غارون (Caves) ۽ 22 ٽاڪرو ڇپر (Rock Shelters) آهن. اهي غارون ۽ ٽاڪرو ڇپر قدرتي طور ٺهيل آهن. جن کي اوائلي انسان اجهي طور استعمال ڪيو. اهي غارون ۽ اَجها سليمان جي سلسلي ۾ آهن. انهن ٽاڪرو اجهن ۾ ان دور جي انسانن ڪيترن ئي اهڃاڻي لکتن سان گڏ جانورن ۽ ماڻهن جون تصويرون بہ اڪيريون آهن. اهي تصويرون ماڻهن اوائلي پٿر جي دور ۾ اڪيريون آهن. هنن غارن مان پٿر جي دور جا آثار بہ مليا آهن، جن ۾ پٿر جون ڪهاڙيون (Hand Axes) ۽ ٻيا اوزار ملن ٿا، جيڪي نيندر ٿل جي ماڻهن اڄ کان 50 هزار سال ق. م کان 20 هزار ق.م تائين استعمال پئي ڪيا آهن. هن قسم جون غارون سنڌ ۾ جهجهي تعداد ۾ ملن ٿيون. اصل ۾ سنڌ ۽ بلوچستان ان دور ۾ ڪي ورهايل خطا ڪونه هئا، جيئن اڄڪلھہ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو