توقير فاطمه ڀٽو

توقير فاطمه ڀٽو

توقير فاطمہ ڀٽو

توقير فاطمہ ڀٽو:توقير فاطمہ 15جون 1961ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائي. هن بي. اي علامہ اقبال اوپن يونيورسٽي مان ۽ ايم اي شاھہ لطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪئي. هوءَ ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي جي ميمبر ۽ پ پ جي ضلعي لاڙڪاڻي ليڊيز ونگ جي عهديدار رهي چڪي آهي. هن انتظام ڪاري چونڊن بابت مختلف تربيتن (Trainings) ۾ حصو ورتو. هوءَ عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ ساک وارين اين. جي. اوز سان بہ وابستہ رهي آهي. عورتن جي خاص سيٽن تي پ. پ جي ٽڪيٽ تي سنڌ اسيمبلي ميمبر چونڊي ۽ هن وقت عورتن جي ڀلائيءَ واري کاتي جي صوبائي وزير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو