تولڙو بابا

تولڙو بابا: اهلسنت والجماعت حنفي بريلوي مسلڪ جي نقشبندي طريقي جو بزرگ، جنهن جو پورو نالو خواجا عبدالقادر نقشبندي هو. اوڀر پنجاب جي ضلعي جالنڌر جي ڳوٺ ’فلور‘ ۾ پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم پنھنجي پيءُ خواجا حاجي ڪريم بخش کان حاصل ڪيائين. شريعت ۽ طريقت جي سکيا ۽ اصول پڻ پنھنجي پيءُ کان سکيائين. پيءُ جي وفات کان پوءِ ’فلور‘ ڇڏي پنھنجي چاچي، توڪل شاھہ جي خدمت ۾ پيش ٿي فيض حاصل ڪيائين. چاچي جي وفات کان پوءِ تقريباً پنجويھہ ٽيھہ سال گوشي نشين رهيو، ۽ پوءِ اجمير ۾ رهائش پذير ٿيو، جتي خواجہ غريب نواز کيس حڪم ڪيو تہ الور جي رياست جي ڳوٺ ’تولڙا‘ ۾ وڃي رهي. ورهاڱي کان پوءِ پاڪستان آيو ۽ لاهور ۽ بھاولپور کان ٿيندو ڪراچيءَ پهتو، جتان حيدرآباد ۾ آيو. حيدرآباد جو شھر کيس پسند آيو ۽ 1952ع ڌاري پاڻ هڪ مريد وٽ حيدرآباد ۾ رهائش اختيار ڪيائين. 1958ع ۾ حيدرآباد جي علائقي هيرآباد ۾ گهر وٺي رهڻ لڳو. پاڻ اعليٰ پايي جو بزرگ هو. سندس وصال 113 سالن جي ڄمار ۾، 1961ع ۾ ٿيو. سندس مزار هالا ناڪي لڳ، چئنل موريءَ کان الهندي طرف، ڳوٺ نورخان چانگ ويجهو آهي، جتي هرسال ڏهين ربيع الاول تي ميلو بہ لڳندو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1961.00.00  عيسوي

تولڙو بابا جو وصال 113 سالن جي ڄمار ۾ ، 1961ع ۾ ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صدام حسين
ابوالفضل بيهقي
اشفاق پرويز ڪياني جنرل
سيد خادم سبحان ڏاڏاهي
حڪيم ويرومل آريا پريمي
ٽيپو سلطان
سلمان تاثير
آرائين منصور الحق
پرويز مشرف
شمس الدين سومرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون