تونگ شريف: دادو ضلعي جي دمبار قطار ويجهو جو هڪڙو ڳوٺ ”تونگ ماٿري“ جنهن کي عام طور ”تونگ شريف“ سڏجي ٿو. تونگ لفظ ’تونگر‘ مان نڪتل آهي، جنهن جو مطلب آهي ’سکيو ستابو، سؤکو، پنهنجيءَ وارو، خوشحال، سردار يا توانو، طاقتور ۽ بي پرواھہ. اهڙيءَ طرح تونگ لفظ مان هيٺيون معنائون پڻ نڪرن ٿيون:
1. زمين جي اهڙي وڏي ايراضي يا علائقو، جنهن جي چؤگرد بند ٻڌي، پاڻيءَ کي ٻئي پاسي وهڻ / وڃڻ يا ضايع ٿيڻ کان روڪيو ويو هجي.
2. آبادي لاءِ مخصوص زمين.
3. آباديءَ لاءِ وڏي وسيع ايراضي
4. باراني زمين
5. اها زمين جيڪا اڻانگي جاءِ، حد/ فاصلي تي هجي.
6. ڪنڀ/ڍنڍ (شايد اهڙي جڳھہ جتي مينهن جو پاڻي جمع ٿيندو هجي).
تونگ شريف جي ڀرپاسي ڪيترن ئي قديم ماڳن جا آثار موجود آهن. تونگ جي اولھہ- اتر ۾ واقع ميرن جو دڙو يا ”مهيري“ دڙو آهي، جنهن بابت آثار قديمہ جي ماهرن جي راءِ آهي تہ اتي سنڌو تھذيب جا ڪي لڪل گوشا دفن ٿيل آهن. اهڙا ئي ٻيا آثار پڻ تونگ شريف جي اتر اوڀر ۽ ڏکڻ اولھہ جي چئني پاسي پکڙيل نظر اچن ٿا.
تونگ شريف جي اتر اولھہ ۾ واقع ”ڄام لوهار“ جو تاريخي قبرستان ڀرپاسي جي زائرين ۽ قديم ماڳن سان دلچسپي رکندڙ محققن لاءِ روحاني ۽ تحقيقي ڪشش رکي ٿو. تونگ شريف جي اولھہ ۾ هڪ قدرتي چشمو سال جو ٻارهوئي پاڻي ڏيندو رهي ٿو. هن چشمي جو پاڻي صاف، شفاف ۽ مٺو آهي. جيڪو ڳوٺ واسين جي روزمره ضرورتن جو پورائو ڪري ٿو ۽ گڏوگڏ ٻني ٻاري لاءِ استعمال ٿئي ٿو. چشمي ويجهو هڪ مزار آهي، جيڪا ”رتن شاھہ جي زيارت گاھہ“ نالي مشھور آهي. جتي ڀرپاسي جي ڳوٺن جا مقامي ماڻهو سکائون ۽ باسون کڻي ايندا آهن.
تونگ شريف جي تاريخي قبرستان ۾ لڳ ڀڳ ساڍن ٽن سون جي لڳ ڀڳ پيلي رنگ جي وارياسي پٿر جون خوبصورت چٽساليءَ واريون قبرون موجود آهن. جن مان ڪجهہ قبرون وقت گذرڻ سان گڏوگڏ مناسب سار سنڀال نہ هئڻ سبب ڀڄي ڀري ۽ ڊهي پيون آهن ۽ ڪجهہ ڊهڻ ڪنڌيءَ تي آهن. غور سان ڏسڻ بعد هي قبرستان ٽن حصن ۾ ورهايل نظر اچي ٿو. قبرن جي جوڙجڪ ڏسڻ بعد معلوم ٿيندو تہ اهڙيون ئي قبرون سنڌ ۽ بلوچستان ۾ نظر اينديون. مثلاً سنڌ ۾ مڪلي، سونڊا، جهرڪ، راڄ ملڪ، پير پٺو، چٽوڙي ۽ ڪراچي لڳ چوڪنڊيءَ ۾ ڏسجن ٿيون. ساڳئي جوڙجڪ واريون قبرون بلوچستان جي علائقي هنيدان ۾ موجود آهن. اهڙيون ئي قبرون هندستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پٿر تي گهڙيل ۽ چٽن ۽ گلن ٻوٽن سان پاڻ پسائن ٿيون. سنڌ ۾ اهڙين قبرن کي ’گهوڙاوتون‘ يا گهاڙيون چوندا آهن .