تونگ قبرستان: هي قبرستان سورنهن کان ارڙهين صدي عيسوي جو چيو وڃي ٿو. هي ضلعي ڄامشوري جي تعلقي ٿاڻي بولاخان شھر جي اتر- اولھه ڪنڊ تي 73 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي موجود آهي. هن ماڳ تي پھچڻ لاءِ حيدرآباد کان ايندي سپر ھاءِ وي تي 51-50 ميل پٿر کان 70 ڪلو ميٽر، ڪراچي کان ايندي سپر ھاءِ وي جي ميل پٿر کان 81 کان 82 ميل جي فاصلي تي آهي. ھن قبرستان ۾ ٽي سؤ ٽيانوي چوڪنڊي نموني جون پٿر جون قبرون آھن، جن تي مختلف نموني جي اڪر ۽ لکتون وغيرہ آھن. قبرن جي مختلف ميڙن کي مختلف نالن سان سڏيو وڃي ٿو. ڏکڻ کان اوڀر واري گروپ کي رانڪن وارو يا محمود جو قبرستان، ڄام لوھار جو قبرستان بونيشن وارو قبرستان. اتر ۽ اتر اوڀر واري قبرستان جو ڀاڱو ڪجهه وڌيڪ پراڻو آھي. جڏھن تہ ڄام لوھا وارو حصو ڪجهه پوءِ جو لڳي ٿو. قبرستان 16 صدي عيسويءَ کان ارڙھين صدي عيسويءَ جو لڳي ٿو. قبرستان لوھاراڻين، ڇٽن، ڀٽن ۽ خاصخيلي قبيلي سان واسطو رکندڙ ماڻھن جو آهي. قبرستان جا ٻہ وڏا گروپ لوھرين، جيڪي برفت آھن، سان واسطو رکن ٿا. ڄام لوھار برفتن جو وڏو ھو. سندس وفات کان پوءِ ڄام آري جي مٿان پڳ آئي. ملڪ سڪندرخان کان پوءِ ملڪ اسد سڪندرخان جي مٿان پڳ آھي، جيڪي ٿاڻي احمد خان ۾ ويٺل آھن. اتر طرف ھڪ قبر تي لوھر علي نھمردي لکيل آھي. نھمردي يا نومڙيا اصل ۾ سما ذات جي شاخ جوکين مان آھن.
ملڪ ھارون جو نالو تاريخ ۾ اورنگزيب جي زماني ۾ اچي ٿو. ھڪ قبر ايسب خان جي آھي، جيڪو راجپوتانه کان آيو ۽ مڪران ۾ رھيو. اھو ضروري ناھي تہ اھو ساڳو ايسب خان ھجي. ڪجهه نالا جهڙو ملڪ احمد خان ملڪ سردار خان وغيرہ پڻ برفتن جا وڏا ھئا، جيڪي ھتي پوريل آھن. برفتن جا قبرستان ملير، منگهو پير ۽ ٻين ھنڌن تي بہ آھن.
قبرون ڪي ساديون تہ ڪن تي اڪر ٿيل آھي. ٻن کان وٺي سورنھن پٿرن جي سليبن تائين قبرون ملن ٿيون، جيڪي مٿاڇري کان 12 فوٽ مٿي آھن. ھتي پورڻ جو نمونو ٽن طريقن جو ملي ٿو. ھتي ڪن قبرن ۾ ھڪ کان مٿي مردن پورڻ جو پتو پوي ٿو، جو ھڪ کان مٿي ھڏاوان، پڃرا مليا آھن. ڪن قبرن ۾ ٺڪراٺو ۽ اناج جا داڻا بہ مليا آھن. ھڪ کان وڌيڪ پوريل مردن واريون 31 قبرون آھن.
ھي قبرستان ڪيترن ئي ايڪڙن تي ڦھليل آھي. 1991ع ۾ جنرل محمد ضياءُ الحق جي حڪم تي ھن قبرستان تي 5 لک روپيا خرچ ڪري، ڪريل قبرستان جي سليبن کي ٻيھر جوڙي قبرون ٺاھيون ويون ۽ پڻ جهنگ وغيرہ صاف ڪيو ويو .