
تون پارس آئون لوهه
تون پارس، آئون لوھہ (ڪتاب ):هي ڪتاب مشھور شاعر سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي جي شاعريءَ جو مجموعو آهي، جيڪو سيپٽمبر 1994ع ۾ ديدار بُڪ ڊپو، ٽنڊي الهيار شايع ڪيو. هن ڪتاب جي مهاڳ ۾ مخدوم جميل الزمان لکي ٿو تہ: ”مرتضيٰ ڏاڏاهيءَ جا ڪيترائي اهڙا شعر آهن، جن ۾ سلوڻائي، خيالن جي نفاست، ٻوليءَ جا مقبول عام محاورا، هڪڙي ئي منٽ ۾ سمجهہ ۾ ايندڙ تشبيهون، سهڻن جا واعدا، سڄڻن جا دلاسا، وفا جو اعتماد، عشاقن جي نهٺائي، اڌورا خواب، انتظارن جو مزو، پنھنجي عقيدت مندانه عشق و محبت جي اظهار جا معزز طريقا، اڻ کٽ تمنائون ۽ يادگيريون يا اهڙا ٻيا انساني جذبا جيڪي جڏهن اکرن جي صورت ۾ اچن ٿا تہ انهن کي تغزل ۽ شاھہ بيت وغيرہ جھڙا لقب ڏنا ويندا آهن، اهي سندس ڪلام ۾ جابجا نظر ايندا .“ ڪچي جلد سان، 184 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 50 روپيا آهي .