توڏي: سر سهڻيءَ جو اصل نالو ”سُر توڏي“ آهي. پر ان ۾ سهڻيءَ جي سونهن ۽ صدق جي ذڪر سبب هي سُر ”سُر سھڻي“ جي نالي سان پڌرو آهي. هندستاني گوين موجب ”توڏي“ هڪ راڳڻيءَ جو نالو آهي، جا ديپڪ راڳ جي پنجن زالن مان هڪ آهي. راڳ مالا ۾ توڏيءَ جي تصوير هن ريت نقش ٿيل آهي. بدن تي سفيد ساڙهي اوڍيل ۽ ڪلهي ۾ نيرو ڪنجرو پيل اٿس. سندس نيڻ هميشہ آسمان ڏانهن ڏسن پيا. هٿ ۾ ستار اٿس، جنهن تي پنھنجي مڌر ۽ مٺي آواز سان سُر آلاپي رهي آهي ۽ ننڍا هرڻ سندس راڳ تي موهت ٿي چوڌاري صفون ٻڌي رهيا آهن. سر سبز ميدانن سان گهڻي دل اٿس. هيءَ راڳڻي صبح جي پهرئين پھر ۾ ڳائبي آهي .