تيتري2: ضلعي نوشهري فيروز ۾، پڊعيدن سرڪل ويجهو هڪ ديھہ جو نالو. جهنگ ۽ ساوڪ جي ڪري هن علائقي ۾ تِتر پکي تمام گهڻا ٿيندا آهن، ان ڪري هن ديھہ جو نالو ئي ’تيتري‘ پئجي ويو. هن ديھہ ۾ ’رمضان مبيجو‘، ’الھہ جوايو ڀنگو‘، ’ربن خاصخيلي‘، ’جاني مري‘، ’اڪرم مري‘، ’اوٺو گهيڙ‘، ’فاضل جي وانڍ‘، ’نوبت مري‘، ’اصغر مبيجو‘ ۽ ’ميرمحمد لاشاري‘ ڳوٺ آباد آهن . تتر جي شوقينن کي بہ تيتري چئبو آهي.