تيجومل: تيجومل ولد ورندرام پٽ ٻڍارام، چڪ شهر ضلعي شڪارپور ۾ 1865ع ڌاري ڄائو. هن شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي هڪ پاٺ شالا مان سنڌي ۽ هنديءَ ۾ حاصل ڪئي. هن گھرائيءَ سان گيتا جو مطالعو ڪيو هو. کيس گيتا جو چڱو حصو برزبان ياد هو. ڌرمي تعليم پرايائين جنهن بعد دنيا جو ڪار وهنوار ڇڏي ڌرمي پرچار شروع ڪيائين. هيءُ سوامي گنگارام جو پيروڪار ۽ شش بڻيو، جنهن جي صحبت جي اثر سبب سندس دل جي دري کلي پيئي ۽ کيس گروءَ کان فيض مليو، هن شعور وارين اکين سان جيڪو ڪجھه به ڏٺو، تنهن کي سلوڪن ۽ ڀڄن جي صورت ڏنائين. شاعريءَ ۾ سوامي گنگارام ئي سندس ا ستاد هو، جنهن جو مٿس گھرو اثر هو. هن نهايت عمدا ڀڄن لکيا آهن، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو ته: ”چڪ جو ويٺل هو ۽ چڪ جي سوامي گنگارام صاحب جو شش هو. سندس والد جو نالو ورندرام هو، جو چڪ جي مکي ٻڍرام جو پٽ هو. ويجھڙائيءَ واري دؤر جو آهي. گنگارام کانسواءِ وسڻ رام ۽ ڪنور رام جي ساراهه ۾ ڀڄن چيا اٿس. ان کان سواءِ عشقيه ڪلام به چيو اٿس ۽ سماجي اوڻاين جو ذڪر به ڪيو اٿس. مثلاً: ڏيتي ليتيءَ جي رسم کي هن طرح ٿو نندي:
ڏيتي ليتي گھر گھاٽ وڃائي، جا وير وروڌ ڇڏي وڌائي
ڇو ٿئي پاڻ ڦاسايو، اها ڏيتي ليتي هٽايو.
جيئن ته قيام پاڪستان وقت، هن جا پويان هندستان هليا ويا هئا، جنهن ڪري سندس وڌيڪ ڪلام ۽ زندگيءَ جو احوال نٿو ملي. ديوان تيجومل 85 ورهين جي ڄمار ۾ 1950ع ڌاري ديهانت ڪيو.