تيجو مل خانچند لڌاڻي

تيجو مل خانچند لڌاڻي: سيٺ تيجومل اصل لڪي، تعلقي سيوهڻ ضلعي ڄامشوري جو رهواسي هو. هيءُ پيشي جي لحاظ کان زميندار ۽ واپاري هو. تڏهوڪي تعلقي لوڪل بورڊ مانجهند ۽ ضلعي لوڪل بورڊ دادوءَ جو ميمبر ٿيو. ولي محمد شاھہ جڏهن حضرت قلندر شھباز جي درگاھہ جي خدمت پاڻ تي هموار ڪئي ۽ پوءِ سيوهڻ مان ئي شادي ڪيائين، تڏهن کين لازمي طرح سان لڪيءَ مان لڏي وڃي سيوهڻ ۾ رهڻو پيو. سندس لڏڻ کانپوءِ ٻي ڪا بہ اهڙي پھر نہ بچي، جيڪا لڪيءَ جي راڄ کي سنڀالي سگهي. ان جو نتيجو اهو نڪتو، جو سيٺ تيجومل پنھنجي پئسي جي زور ۽ لڳ لاڳاپن جي ڪري چڱي حيثيت پيدا ڪري ورتي. آسپاس جي زميندارن سان پڻ چڱا لاڳاپا هئس. آفيسرن سان بہ تعلقات قائم رکندو آيو.
منڇر جي ڀر ۾کيس چڱي زمين هئي. ۽ اتي ئي پهرين جنوري 1939ع تي ديهانت ڪيائين. ورهاڱي سبب سندس اولاد پنهنجو اصلوڪو وطن سنڌ ڇڏيو ۽ وڃي هندستان ۾ ويٺو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو