تيرَهَن تيزيُون: صفر مهيني جون پهريون تيرهن تاريخون، جن ۾ روايت موجب حضور پاڪ صلي ﷲ عليہ وسلم جن ناچاق رهيا. انهن تاريخن ۾ سَوڻ ڳنڍيا ويندا آهن، تنهنڪري انهن تاريخن کي نحس سمجهي زالون انهن ڏينهن تي مرڻي پرڻي جون رسمون نہ ڪنديون آهن. انهن تاريخن ۾ ڪوبه ڪم ٿيو تہ ان جو اثر سڄي سال تي رهندو آهي .