تيرهين سنڌ ادبي ڪانفرنس: تيرهين سنڌ ادبي ڪانفرنس، جميعت الشعراءِ سنڌ جي نگراني ۽ بزمِ ادب، جيڪب آباد، جي دعوت تي، 30 نومبر 1952ع ۾ جيڪب آباد ۾ ڪوٺائي وئي هئي. هن ڪانفرنس ۾ استقباليه ڪميٽيءَ جو چيئرمين اوستو غلام حسين ”حسين“، جنرل سيڪريٽري، قريشي محمد بخش ”جوش“ هئا، جيڪي بزمِ ادب جيڪب آباد، جا صدر ۽ سيڪريٽري بہ هئا. ڪانفرنس جي يادگار لاءِ بزمِ ادب، جيڪب آباد، طرفان ”گلدسته ادب“ نالي ڪتاب شايع ڪيو ويو، جنهن ۾ شاعرن جا شعر شايع ڪيا ويا هُئا. انهن ۾ ”عاصي“ حاجي صوبو خان صبحاڻي، انورمحمد شفيع، ميان عبدالحڪيم ”خوشتر“، خدادوست ابن بشير، الھورايو مھر سليم، خيرمحمد ٻرڙو ”سوز“، ضياءُ الدين ”ضياء“، عبدالرحيم ”غمگين“، محمد خان ”غني“، سيد مٺل شاھہ ”مٺل“، عزيزالله ”مجروح“، آغا گل حسن، عبدالفتاح ”عبد“ عاقلي، مولوي نورالدين ”نور“، نواز علي ”نياز“ جعفري، حاجي عبدالله ”واقف“، محمد جمن هالو، عطامحمد ”حامي“، اميربخش قريشي ”امير“ واحد بخش قريشي ”عاشق“، ﷲ بخش ”سرشار“ عقيلي، محمد حسين ”آتش“ ۽ ٻيا شامل هئا .