تيرٿ داس گيلاني سائين

تيرٿداس گياني، سائين: تيرٿداس جو جنم 1890ع ڌاري هڪ هندو واپاري ۽ شري منگهن مل ڏامي مل گيانچنداڻي جي گهر ۾ حيدرآباد ۾ ٿيو. هيءُ پنھنجي پيءُ جو وڏو پٽ هو. هن جي والد جي خواهش هئي تہ سندس نينگر پڙهي لکي اعليٰ آفيسر بڻجي. هن شروعاتي تعليم حيدرآباد جي نوودياله اسڪول مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ 1909ع ۾ لنڊن جو رخ ڪيو. جتان بئرسٽري جي ڊگري حاصل ڪري، سن 1914ع ۾ واپس پنھنجي وطن سنڌ موٽي آيو. هن کي جيتوڻيڪ والدين جي شفقت ۽ پنھنجي قابليت عيوض علمي طور ڪافي شين تي عبور حاصل هو، پر سندس طبع ۾ خلق خدمت جي جذبي سبب هن کي سرڪاري نوڪري توڙي وڪالت ڪرڻ ۾ ڪابہ دلچسپي نہ هئي. بلڪ ڏکويلن جي سيوا ڪرڻ ۽ خلق خدا جي خدمت ڪرڻ ۾ کيس روحاني سڪون ملندو هو. هن 1919ع کان گرهسته آشرم ۾ رهندي گرونانڪ ويوجن جي خدمت ڪرڻ لڳو. ان دؤران حيدرآباد ميونسپل ڪاميٽيءَ جو ميمبر ٿي رهيو. هڪ ڀيري سندس دوست ديوان گهيمي مل کيس سچل سائين جي درگاھہ تي دارازا ۾ سچل سائين جي گادي نشين نانڪ يوسف جي جانشين سخي قبول محمد وٽ وٺي آيو. اتي ئي مٿس بيخوديءَ جي ڪيفيت طاري ٿي وئي، جنهن بئرسٽر مان بئراڳي بڻائي ڇڏيس. ۽ پاڻ دنيا جي شاهوڪاري، عيش عشرت، عهدا، گهر ٻار ڇڏي فقيري اختيار ڪيائين. نيٺ ورهاڱي باعث پنهنجو اصلوڪو ديس سنڌ کيس ڇڏڻو پيو ۽ هجرت ڪري هندوستان جي شھر بنارس ۾ وڃي رهائش اختيار ڪيائين ۽ ڌيان گيان ڪندي هي فقير منش گياني 1953ع ۾ مدراس ۾ وفات ڪري ويو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1890.00.00  عيسوي

تيرٿداس جو جنم 1890ع ڌاري هڪ هندو واپاري ۽ شري منگھن مل ڏامي مل گيانچنداڻي جي گھر ۾ حيدرآباد ۾ ٿيو .


1853.00.00  عيسوي

تيرٿداس 1953ع ۾ مدراس ۾ وفات ڪري ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راماڻي شيلا
راءِ گنگاجر جکرو
رازي ابوبڪر محمد بن ذڪريا
عنايت ﷲ عباسي
سيد مير علي سنڌي
تلوڪ تلسياڻي
پير محمد لکوي
غلام محمد فقير روهڙائي
عبدالجبار وڪيل
غضنفر خان عالمگيري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون