تيرٿ روچيرام منگوراڻي پريتم

تيرٿ روچيرام منگوراڻي، ’پريتم ‘:شاعر ۽ ليکڪ تيرٿ روچيرام منگوراڻي 10 اپريل 1920ع تي، ڪراچيءَ ۾ ڄائو. سندس تخلص ”پريتم“ هو. فرسٽ ايئر (آرٽس) تائين تعليم حاصل ڪيائين. مختلف موضوعن تي سندس ڏهاڪو ڪتاب ڇپيل آهن، ان کان سواءِ ٽيهارو کن سنڌي فنڪارن جون سوانح عمريون به لکيائين. انگريزي ٻوليءَ ۾ به سندس ٽي ڪتاب ڇپيل آهن، جن مان ٻه ڪتاب: “Pearl Strings” ۽ “Soul of Sindh” مشهور آهن. ورهاڱي کان پوءِ، بمبئيءَ لڏي ويو، جتي ممبئيءَ جي علائقي انڌيريءَ ۾ رهائش پذير هو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو