تيرٿ ڌارا

تيرٿ ڌارا

تيرٿ ڌارا

تيرٿَ ڌارا: لڪي (ضلعي ڄامشوري) ۾ لڪي شاهه صدر ريلوي اسٽيشن کان هڪ ٽاڪرو پيچرو اولهه ۾ جبل ڏانهن هڪ لڪ نما واديءَ ڏانهن وڃي ٿو. اٽڪل اڍائي ڪلوميٽرن پنڌ تي هڪ هنڌ تي قديم زماني کان ٻه گرم چشما ڦٽي نڪرن ٿا. هيءُ ماڳ تيرٿ ڌارا سڏجي ٿو، جتي ٻه شوالا زبون حالت ۾ بيٺا آهن. ورهاڱي کان اڳ هتي شوِ راتڙيءَ جو وڏو ميلو لڳندو هو، پر پاڪستان ٺهڻ بعد اهو سلسلو ختم ٿي ويو. هاڻي هتي فقط اهي ماڻهو اچن ٿا، جن کي ڪوڙهه يا چمڙيءَ جي بيماري آهي. مريض هتي جي گرم پاڻيءَ جي چشمي ۾ اچي وهنجن ٿا ۽ بيماريءَ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪن ٿا.
هڪ ڊگهي ڏاڪڻ ۽ چشمي تي ٺهيل پل ان هنڌ تائين وڃي ٿي، جتان چشما ڦٽن ٿا. گندرف جي گهڻائيءَ سبب هن چشمي جو پاڻي ٿڌي ٿيڻ کان پوءِ به پيئڻ لائق نه آهي، جنهنڪري هتي پيئڻ لاءِ پاڻي پري کان آندو وڃي ٿو. هن هنڌ پاڻيءَ جو گرمي پد 102 کان 112 ڊگريون فارن هائيٽ جي وچ ۾ رهي ٿو.
”شري هنگلاج جي ياترا“ جي ليکڪ رامچند کتريءَ لکيو آهي ته ”تيرٿ ڌارا اهو ماڳ آهي، جتي شِو مهاديو ۽ دکشا پرجا پتيءَ جي وچ ۾ وڏي جنگ لڳي هئي. ان ٽڪراءَ دوران شو جي زال ”اُما“ مري وئي هئي. زال جي مري وڃڻ جي صدمي ۽ ڪاوڙ سبب شو مهاديو، اُما ديويءَ جو لاش پٺن تي کڻي، ڌرتيءَ تي هليو هو، جنهنڪري وڏي تباهيءَ جو خطرو پيدا ٿيو. بعد ۾ اُما ديويءَ جو لاش ٻاونجاهه حصن ۾ تقسيم ٿي، ڌرتيءَ تي مختلف هنڌن تي ڪريو. جتي جتي سندس جسم جو ڪو عضوو ڪريو اُتي ”شڪتي“ پوڄا شروع ٿي. ڪٿا موجب اُما ديويءَ جو مٿو هنگلاج ۾ ڪريو، اتي هنگلاج ديويءَ جي صورت ۾ شڪتي پوڄا ٿئي ٿي. ديويءَ جي هڪ ڄنگهه کٽمنڊوءَ ۾ ڪري، جتي ڪاليءَ جي صورت ۾ شڪتي پوڄا ٿئي ٿي. اهڙيءَ طرح سڄي هندستان ۾ شڪتيءَ جي پوڄا جا ٻاونجاهه مرڪز قائم ٿيا“. ان ڪٿا ۾ روايتي عقيدتمنديءَ جو عنصر شامل نظر اچي ٿو.
ان کانسواءِ مسلمانن ۾ هن چشمي بابت حضرت علي عليه السلام سان منسوب ڏند ڪٿا به عام آهي. هتي سڀ کان دلچسپ هڪ غار آهي، جيڪا قديم زماني ۾ انساني رهائش هئي. ڪن روايتن موجب مشهور بزرگ شاهه صدر لڪيءَ واري به هتي چلي ڪشي ڪئي هئي. سنڌ ۾ پنهنجي نوعيت جي هيءَ عجيب غار آهي، جيڪا صاف طور تي ڏسجي ٿو ته قديم دور جي انسانن جوڙي هئي ۽ انساني هٿن جو وڏو ڪمال آهي ته غار جو مُنهن ڏهه فوٽ ويڪرو ۽ ڇهه فوٽ اوچو آهي. هن کان اڳ سنڌ ۾ انساني هٿن جون گهڙيل جيڪي به غارون لڌيون ويون آهن، اُهي جبلن ۾ ڪمرن وانگر اندر کوٽيل آهن. پر هن غار جي انفراديت اها آهي ته، اها زمين ۾ هيٺ کوٽيل آهي. ڏهه فوٽ ويڪري ڏاڪڻ زمين ۾، ست فوٽ هيٺ هڪ ڪشادي غار ۾ وٺي وڃي ٿي، جيڪا اڳتي هلي 15 فوٽ ويڪري ٿئي ٿي. غار جي آخري ڇيڙي تي هڪ ننڍي دري آهي، جيڪا اندرئين غار ڏانهن وٺي وڃي ٿي. اندرئين غار جي ڊيگهه ۽ ويڪر 10 + 25 فوٽ (بي ترتيب) آهي. اندر ڪافي گهري آهي، پر چمڙن، جيتن جڻين جو گهر ٿي وڃڻ ۽ بدبوءِ سبب اندر وڃڻ مشڪل ٿي پيو آهي. ڪيترا سال اڳ سائين جي. ايم. سيد جو ساٿي حڪيم محمد صالح ”ايٿر“ ۽ هٿ بتيون کڻي هن غار ۾ اندر ويو هو. ٻئي غارون هن وقت گندرف جي تيز بوءِ سان واسيل آهن. لڪيءَ وٽ چوڪنڊي جهڙيون قبرون به نظر اچن ٿيون. هن تيرٿ ڌارا وٽ هڪ مسجد به آهي، جنهن تي به مسجد منزل گاهه وانگر ساڳئي دؤر ۾ تنازعو ٿيو هو .


لفظ تيرٿ ڌاراھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو