تير ڀت: نئن گاج بلوچستان کان جڏهن سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿي تہ هڪ سوڙهي لڪ مان لنگهڻ ڪري وڏو آواز ڪري گجي ٿي، ان ڪري مٿس ’گاج‘ نالو پيو، هونئن سندس نالو نئن ”ڪولاچي“ آهي. انهي لڪ کي ”لوڙھہ“ سڏيندا آهن. جنهن جي هيٺان ”ٿڪ ڪنڀ“ (Thak Kunb) آهي، جيڪو اندازي موجب 7 فوٽ اونهو آهي. نئن گاج پهريان 18 ميل اوڀر طرف وهي، ڏکڻ ڏانهن موڙ کائي ٿي، انهيءَ موڙ واري هنڌ تي آبپاشي کاتي وارن جا بنگلا ٺهيل آهن. انهيءَ جاءِ کان نئن گاج جبل ڇڏي ٽاڪرو ميداني علائقي ۾ وهڻ شروع ڪري ٿي. انهيءَ جاءِ تي بند (Dam) وانگر ڀت ٺاهي نئن جو منهن / پيٽ اڀرندي طرف وڃڻ کان تبديل ڪري ڏکڻ طرف موڙيو ويو آهي. اها ڀت انگريزن جي دور ۾ سال 31-1930ع ۾ ٺاهي وئي هئي. انهي ڀت کي ”تير ڀت“ سڏين ٿا. هي ڀت اتر کان ڏکڻ طرف ڇھن ميلن جي فاصلي تائين نئن گاج جي پاڻيءَ جو رخ مٽائي ٿي. هن ڀت جي چوٽي 10 فوٽ ويڪري آهي. جڏهن تہ بنيادن وٽ 54 کان 74 فوٽن تائين ويڪر اٿس ۽ 23 کان 30 فوٽ اونهي آهي. آر ڊي ٻڙي کان نئن جو پيٽ 1600 فوٽن کان سرس آهي. هن ڀت ڏيڻ يا بند ٻڌڻ جا مقصد هئا: هڪ تہ گاج جي پاڻي کي درست رستي تي هلائڻ تہ جيئن ان مان مختلف واھہ کوٽي ڪاڇي جي زمينن کي آباد ڪجي، ٻيو تہ سکر بئراج واري ايراضيءَ کي نئن جي ٻوڏ کان بچائي سگهجي. اها ڀت ٺھڻ کان پوءِ ٻہ ڀيرا ڀڄي چڪي آهي، جنهنڪري نئن جو پاڻي ميداني علائقن ۾ ڪاهي آيو هو ۽ خاص ڪري جوهي ۽ آسپاس جا علائقا ٻوڙي ڇڏيا هئائين. تير ڀت ٺھڻ ڪري ڊرگهہ بالا، حاجي خان، سيوو جمالي، ٽنڊي رحيم، ڇني، واهي پاندي ۽ ٻين ڪيترن علائقن کي آباديءَ لاءِ گاج جو پاڻي ميسر آهي.
گاج اڳي ڇڙواڳ وهندي هئي، پنھنجي پراڻي وهڪري وسيلي وڃي سنڌو درياھہ ۾ وڃي ڇوڙ ڪندي هئي، پر 1833ع ڌاري بئراج ٺھڻ بعد ڪنهن امڪاني خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ ايف. پي. بند بيهاريو ويو. ساڳئي وقت گاج جي اصل وهڪري جو رخ موڙيندي ان جي منهن وٽ تير ڀت تعمير ڪئي وئي. تير ڀت گاج جي ورهين جي وهڪري جو رخ موڙي سول نئن ڏانهن ڪيو. گاج جي اتر کان ڏکڻ هڪ بند، ايڪٽيھہ هزار فٽ ڊگهو، ٽيهن کان سٺ فٽ ويڪرو ۽ ارڙهن فٽ بلند ٻڌو ويو آهي. بند وٽان، نئن جي پاڻيءَ کي جدا جدا واهن مان وهايو ويو آهي .