تير ڪمان

تير ڪمان

تير ڪمان

تير ڪمان: تير ڪمان قديم جنگي اوزار آهي، تير کي شاهه لطيف نائڪ، لوهه، پيرلو، ٽنگر، ٻاڻ، لوري، ڪرڪ ۽ پيڪان به سڏيو آهي. تير هڪ کان ڏيڍ فوٽ ڊگهو ٿيندو آهي، جيڪو بانس مان ٺهيل ڪمان مان زهه واري سڳي سان ڇڪي نشاني تي لڳايو ويندو آهي. پهريان تير ڪاٺيءَ مان ٺاهيا ويا، پوءِ جنگي استعمال سبب لوهه مان به ٺهڻ لڳا. وڏين جنگين ۾ اڳي تير جي چهنب کي زهر آلود به ڪندا هئا ته جيئن دشمن ٿڏي تي مري وڃي، جڏهن ته تير اندازي هڪ مشغلو به رهيو آهي ۽ هن وقت راند جي صورت اختيار ڪئي اٿائين. تير ڪمان جي ڪاريگرن جو ڪنهن وقت وڏو مان مرتبو هو، جو تير- ڪمان جنگ جو اهم هٿيار هو. سنڌ ۾ ٽالپرن جي دور ۾ ترارين ۽ بندوقن تي وڌيڪ توجهه ڏنو ويو ۽ حيدرآباد ۾ ڪارخانا قائم ٿيا. باوجود ان جي تير ڪمان جو سلسلو باقي رهيو، تان جو انگريزن جڏهن سنڌ تي غاصبانه قبضو ڪيو ته ماڻهن کان سڀ هٿيار کسي کين بي هٿيار ۽ بيوس ڪيائون. ان هوندي به، تير ڪمان (گز ڪمان) جو شوق، شڪار خاطر هلندو آيو.تير جي ڪمان بانس جي هوندي هئي، جنهن ۾ زهه وارو سڳو جانورن جي آنڊي جو هوندو هو. پکين ۽ سهن جي شڪار وارو گز اڪثر لئيءَ مان ٺهيل هوندو هو. راند خاطر، سچي سَر يا ڪانهن جي ٿُلهي ڪانيءَ مان، گز تُڪِي ٺاهيندا هئا. پاسيري اُڏامندڙ پکيءَ يا ڀڄندڙ سهي کي گز ’لاپ‘ (پاسيرو) ڪري هڻندا هئا، ۽ سامهون، سڌو، اڳتي ۽ اُڏامندڙ يا ڀڄندڙ پکيءَ کي ’تُڪي‘ يا ’سلهه‘ (سڌو چُهنبيارو) ڪري هڻندا هئا. 30- 1920ع تائين سنڌ جي گهڻن ڀاڱن ۽ ڳوٺن ۾، گز ڪمان جا وڏا ڄاڻو (نشاني باز يا چُٽيندڙ) موجود هئا. 18 صديءَ ۾ شاهه لطيف جي وقت ۾، تير ڪمان هڪ هٿيار طور ڪم ايندو هو. شاعريءَ ۾ عاشق تي محبوب جي حسن جي حملن ۽ سندس سهڻين اکين جي نظرن ۽ گهُورن جي تشبيهه طور شاهه لطيف مختلف قسم جي تيرن جي زخمن ۽ گهاوَن جي حوالي سان بيان ڪيو آهي. شاهه صاحب جي وقت ۾ يا کانئس اڳ جدا جدا قسم جي تيرن جو چالامان هو. سَر (سَر جي ڪاني وارو) ۽ ’ٻاڻ‘ تيرن يا گزن جا عام نالا هئا. وڏي ۽ ڳري نوڪدار لوهي تير کي تشبيهه طور ’ڪانُ‘ سڏبو هو. ’عُقابيلن‘ (خاص عقاب جي کنڀن وارو) ۽ ٻين ’پکين‘ (کنڀن‘ وارن تيرن) لوهه يا رڪ جي نوڪدار تيرن جا ڌار ڌار قسم هوندا هئا. لوهه يا رڪ جي نوڪدار تيرن کي ٺاهيندڙ لوهار ڪاريگرن جي نالي سان، ’لوري‘ سڏيندا هئا. ”ٽينگُر“ ٽه- شاخو تير هوندو هو.
”ڀَر- ڀيڏيءَ ڏيئي“، زور سان ڪمان ڪشڻ يا ڪمان مان تير ڪشي هڻڻ، سيڱ ساهي (ڪمان ڪشي) ”سَر سَڃڻ“ (تير کي پورو نشان تي هڻڻ)، ٻَنگ (تير جو هيٺيون گولائون ونگ)، زِهه ۾ ڏيئي ”ٻنگان ٻاڻ ڀَري هڻڻ“، ۽ تير سڌو سيلو يا سلههِ ڪري هڻڻ ان وقت جي تيراندازيءَ جا عام اصطلاح هئا، جيڪي لطيف سائين پڻ پنهنجن بيتن ۾ آندا آهن:
سَر جو سڃيو سڄڻين، ٻيهر ”ٻاڻ“ ڀري،
ڇمڪيو سو ڇوهه مان، ڪڙ ڪڙ ڪان ڪري.
---
”عقابيل“ اکين ۾، تو کي باري ”بان“،
---
پائي ”ڪان“ ڪمان ۾، ميان مارِ مَ مون.


لفظ تير ڪمانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو