تيم (تيمي ):تيم، عرب سرزمين جي ڪيترن ئي قبيلن جو نالو آهي. مثال: (1) تيم بن مره، حضرت صديق رضہ'>ابوبڪر صديق رضہ جو واسطو هن قبيلي سان هو. (قريش). (2) تيم بن غالب بن فھر (قريش بنو الادرم) (3) تيم بن عبد مناة بن ادبن طابغه (مضر شاخ). بنو ضريه، بنو قيس، بنو ثعلبه ۽ بنو ثبيان ۾ پڻ ”تيم“ قبيلو موجود آهي .