تين، سورة: ’تين‘ قرآن مجيد جي 95 سورت. هن ۾ 8 آيتون آهن. هي سورت مڪي آهي. هن سورت ۾ انجير، زيتون، طورسينا ۽ امير جي شھر کي گواھہ ڪري انسان کي بھترين صورت ۾ پيدا ڪرڻ جو ذڪر ڪيل آهي. هن ۾ جزا ۽ سزا جي باري ۾ بہ ٻڌايو ويو آهي. هن سورت ۾ ﷲ تعاليٰ انسان کي بھترين رتبي وارو ماڻهو پيدا ڪرڻ جي شهادت ڏني آهي. هيءُ رتبو ڪنهن ٻي مخلوق کي نصيب نہ آهي ۽ پوءِ ٻڌايو ويو آهي تہ هنن انسانن مان ڪجهہ برائيءَ طرف وڃن ٿا، جيڪي اخلاقي طور تي ايترو تہ ڪري ٿا پون، جو جانورن کان بہ ڪريل ٿين ٿا. پر اهي ئي جيڪي نيڪيءَ جي راھہ کي چونڊيندا آهن تہ مخلوق ۾ وڏي مقام تي قائم ٿيندا آهن ۽ تن جي لاءِ اجرِ عظيم آهي. هيءُ خدا جو انصاف آهي ۽ اُهو سڀ کان وڏو حاڪم آهي. امام احمد، ترمذي، ابو دائود وغيرہ ۽ حضرت هريره رضي ﷲ تعاليٰ عنه کان روايت آهي ته، رسول ﷲ صلي ﷲ عليہ وسلم فرمايو، جڏهن توهان ڪو سورة التين پڙهي ۽ آخري آيت جي پڄاڻي تي پهچڻ تي چوي: ”ها! آئون هن تي گواهي ڏيڻ وارن مان آهيان. “